هونئن ته خطي مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي، شريف ماڻهو پنهنجي جان مال کي غير محفوظ سمجهي ٿو. روڊن، رستن، شهرن، چوراهن تي چورن، بشنين جون ڪارروايون عام جام ٿي ويون آهن، پر تازو سجاول ضلعي ۾ مرڪ ميمڻ جي ٿيل قتل هاڻي عورتن ۾ اهڙو خوف پيدا ڪيو آهي، هو محسوس ڪن ٿيون ته هاڻي لاڙ سنڌ ۾ اهڙا ڌاڙيل خان پيدا ٿيا آهن، جن کي نياڻي جو حياءُ ناهي.
انهيءَ پسمنظر ۾ ضلعي سجاول جي دڙي ٻيلي روڊ تي انٽر جي شاگردياڻي مرڪ ميمڻ جو قتل هڪ وڏواخلاقي ۽ انتظامي سوال بڻجي سامهون اچي ٿو. هڪ نوجوان شاگرد نياڻي پنهنجي منزل ڏانهن سفر ڪري رهي هئي. کيس شايد اهو يقين هو ته روڊ محفوظ آهي، قانون موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڪو خطرو پيدا ٿيو ته رياستي پوليس سندس مدد لاءِ موجود هوندا. پر هٿياربندن جي فائرنگ سندس زندگي ختم ڪري ڇڏي. اڃا تائين قاتلن بابت حتمي خبر سامهون نه اچڻ، مقتولا جي خاندان جي ڏک کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ٿو. هڪ خاندان جي نياڻي هلي وئي، هڪ گهر جي اميدن جو چراغ وسامي ويو ۽ هڪ خاندان ماتم ۾ هليو ويو، پر ان واقعي سان گڏ هڪ ٻيو نقصان اهو به ٿيو: عام ماڻهوءَ جو محفوظ سفر تي اعتماد کي ڇيهو رسيو
جيڪڏهن رياستي پوليس جو بنيادي فرض پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي ته پوءِ حساس روڊن تي اهڙين وارداتن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ ڪهڙا انتظام موجود هئا؟ ڇا ان روڊ تي پوليس گشت مناسب هو؟ ڇا اڳوڻين وارداتن جو رڪارڊ سامهون رکيو ويو؟ ڇا حساس هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي؟ ڇا مقامي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا وچ ۾ مؤثر رابطو موجود هو؟
اهي سوال ڪنهن هڪ اداري کي بنا ثبوت ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ ناهن، پر انتظامي جوابدهي کي سمجهڻ لاءِ آهن. فوجداري ذميواري ۽ انتظامي ذميواري به الڳ معاملا آهن. قاتل اهو آهي، جنهن هٿيار هلائي ڪنهن انسان جي جان ورتي. پر جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ مسلسل رهزنيون ٿين، خطرا وڌن، شڪايتون سامهون اچن ۽ حفاظتي نظام انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿئي، ته پوءِ انتظامي سطح تي سوال ڪرڻ به عوام جو حق آهي. قانون جي عملداري جو مطلب رڳو اهو ناهي ته ڏوهه ٿيڻ کان پوءِ پوليس جاچ شروع ڪري. قانون جي عملداري جو اصل مطلب اهو آهي ته خطري کي اڳواٽ سڃاتو وڃي، ڏوهه کي روڪڻ لاءِ مؤثر نظام موجود هجي، واقعي کان پوءِ شفاف جاچ ٿئي، جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ جديد وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. جيڪڏهن قانون صرف واقعي کان پوءِ جاڳي ٿو ته پوءِ عام ماڻهوءَ جو سوال جائز آهي ته قانون کي اڳواٽ ڇو نه جاڳايو ويو؟
مرڪ ميمڻ جي قتل جو الميو اهو به آهي ته هوءَ ڪنهن جنگ جي ميدان ۾ نه، ڪنهن ڏوهاري دنيا جو حصو بڻجي نه، پر هڪ عام مسافر جي حيثيت سان روڊ تي هئي. عام شهريءَ جو سڀ کان وڏو حق اهو آهي ته هو گهر کان نڪري ۽ واپس گهر پهچي. جيڪڏهن اهو بنيادي اعتماد به ڪمزور ٿي وڃي ته پوءِ امن جا سرڪاري انگ اکر، بيان ۽ دعوائون عام ماڻهوءَ جي خوف کي ختم نٿا ڪري سگهن. امن اهو به آهي ته ماڻهو رات جو سفر ڪندي خوفزده نه هجي، عورتون رستن تي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن، مسافرن کي يقين هجي ته حساس هنڌن تي قانون موجود آهي ۽ ڏوهاري کي اهو خوف هجي ته هو قانون کان بچي نه سگهندو.
اهي سوال ان ڪري اهم آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ واردات جي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ضروري آهي، پر ساڳئي نوعيت جي ايندڙ واردات کي روڪڻ وڌيڪ وڏي انتظامي ذميواري آهي. مرڪ ميمڻ جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي، پر سماج کي به تحفظ گهرجي. خاندان لاءِ انصاف جو مطلب قاتلن جي گرفتاري، شفاف جاچ، عدالت آڏو مضبوط ڪيس ۽ قانون موجب سزا تائين پهچڻ آهي، جڏهن ته سماج لاءِ انصاف جو هڪ ٻيو پاسو به آهي: اهڙو نظام قائم ڪرڻ، جنهن ۾ ٻي ڪنهن مرڪ ميمڻ کي اهڙي رستي تي پنهنجي زندگي نه وڃائڻي پوي. ڇو ته اسان اڪثر هر افسوسناڪ واقعي کان پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ جاڳون ٿا. بيان اچن ٿا، مذمتون ٿين ٿيون، گرفتاريءَ جا اعلان ٿين ٿا، جاچ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان معاملو خبرن جي صفحن کان غائب ٿي وڃي ٿو. پر مقتول جو خاندان ان خبر کان اڳتي به جيئندو آهي. ان لاءِ هر تاريخ هڪ ياد آهي، هر رستو هڪ خوف آهي ۽ هر فون جي گهنٽي هڪ نئون خدشو ان ڪري دڙي ٻيلي روڊ جو قتل به فائلن ۾ بند ٿيڻ نه گهرجي.
پوليس ۽ انتظاميا کي عوام آڏو واضح ڪرڻ گهرجي ته جاچ ڪهڙي مرحلي ۾ آهي، جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن ۽ مستقبل ۾ اهڙين وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا حفاظتي قدم کنيا ويندا. ساڳئي وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن بي بنياد الزام کان پاسو ڪندي، ثبوتن جي بنياد تي جاچ کي اڳتي وڌائين. ڪنهن به سرڪاري آفيسر يا اداري تي بنا ثبوت الزام لڳائڻ به انصاف جي تقاضائن جي خلاف آهي. پر ان سان گڏ انتظامي ڪارڪردگي بابت سوال ڪرڻ، جواب طلب ڪرڻ ۽ حفاظتي نظام جي خامين جي نشاندهي ڪرڻ عوام جو جمهوري حق آهي. مرڪ ميمڻ جو الميو شايد اسان جي اجتماعي ضمير لاءِ هڪ استعارو بڻجي ويو آهي. سندس اکيون رڳو پنهنجي قاتل کي ڳولڻ جو سوال نٿيون ڪن، پر ڪيترائي سوال اسان جي سامهون ڇڏي وڃن ٿيون: ڇا منهنجي قتل جو انصاف ٿيندو؟ ڇا قاتل قانون جي گرفت ۾ ايندا؟ ڇا جاچ شفاف ٿيندي؟ ڇا منهنجي خاندان کي انصاف ملندو؟ ۽ ڇا منهنجي موت کان پوءِ ڪو اهڙو نظام ٺهندو، جيڪو ڪنهن ٻي نياڻي، ڪنهن ٻي مسافر ۽ ڪنهن ٻي خاندان کي اهڙي الميي کان بچائي سگهي؟ تنهنڪري مقتولا جي موت مان رياستي پوليس سبق سکي، روڊ محفوظ بڻايا وڃن، پوليسنگ کي وڌيڪ مؤثر ڪيو وڃي. ساڳئي وقت دڙي ٻيلي روڊ تي وهيل رت اسان کان رڳو قاتلن بابت سوال نٿو ڪري؛ اهو اسان کان نظام بابت سوال ڪري ٿو. ۽ جيستائين ان سوال جو عملي جواب سامهون نٿو اچي، تيستائين مرڪ ميمڻ جون اڌ کليل اکيون اسان جي ضمير جي دروازي کي کڙڪائينديون رهنديون.