گورنر راڄ جمهوري جماعتن جي ناڪامي هوندو

غلام حسين لغاري

پي ٽي آءِ قيادت 4 آڪٽوبر تي ٻيهر اسلام آباد ڏانهن وڌڻ ۽ ڪاهه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومت پي ٽي آءِ جي ڪاهه کي رستي تي ئي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهي به امڪان آهن ته وفاق ڪي پي ۾ هنگامي حالتن جي نفاذ يا مورڳو اتي گورنر راڄ لڳائڻ جون به تياريون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن لاءِ پ پ پ کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. پ پ پ قيادت وفاق کي ڪجهه شرطن تي گورنر راڄ يا هنگامي حالتن جي نفاذ تي راضپو ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ پ پ پ جي گورنر کي جاري رکيو ويندو.

گورنر راڄ يا هنگامي حالتن جو نفاذ وفاق ۽ طاقتورن جو پنهنجو فيصلو آهي، ان جا ڪهڙا نتيجا ٿا نڪرن، اها بعد جي ڳالهه آهي، پر خود جمهوري قوتون اهڙو فيصلو ڪن ٿيون ته اهو جمهوريت جي بدقسمتي چئبي. اي اين پي جي سربراهه ايمل ولي خان امڪاني گورنر راڄ يا هنگامي حالتن جي نفاذ جي نه صرف مخالفت ڪئي آهي، پر اهو به واضح ڪيو اٿس ته وفاق جي اهڙي ڪنهن به امڪاني فيصلي سان ڪي پي جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، جيڪي اڳ ۾ ئي اتي بدتر آهن. آپگهاتي حملن جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن. ڀارت ۽ افغانستان جي دهشتگردن کي وڌيڪ موقعو ملندو.

وفاق گورنر راڄ يا هنگامي حالتن جي نفاذ کان اڳ قيد پي ٽي آءِ سربراهه جي ڀينرن سميت وڏي انگ ۾ اڳواڻن کي ملڪي سلامتي واري قانون تحت نظربند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪارڪنن ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ٿي چڪي آهي. عام راءِ اها آهي ته هنگامي حالتن جو نفاذ يا گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي. پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ گهرجي، جنهن لاءِ سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ ڳنڀير مسئلن جي منهن مان ٻاهر نڪري سگهندو.

ملڪ ۾ گورنر راڄ يا هنگامي حالتن جو نفاذ گهڻو ڪري پ پ پ ۽ ن ليگ جي جمهوري حڪومتن جي دور ۾ لاڳو ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ڪي پي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳا، جنهن جي جمهوري قوتن ۽ عام ماڻهن سخت مخالفت ڪئي هئي، ۽ ان جي نتيجي ۾ ضياءُ الحق ۽ مشرف جي دور ۾ جمهوري حڪومتن جي تڏا ويڙهه ٿي. چونڊيل وزيراعظم يا ته ڦاهي چڙهيا، يا جيلن ۾ ويا، يا پاڻمرادو ملڪ دربدر ٿيا. ملڪ ۽ عوام کي نتيجا ڀوڳڻا پيا. ملڪ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو شڪار ٿيو. سالن جا سال جمهوريت لاءِ انتظار ڪرڻو پيو.

جيتوڻيڪ ملڪ ۾ اڀري سڀري جمهوريت ته هوندي آهي، پر پس پرده حاڪم ڪي ٻيا هوندا آهن، جن جو ذميوار سياستدان هوندا آهن، جيڪي بيساکي استعمال ڪري اقتدار وٺندا آهن ۽ طاقتورن جي تابع هوندا آهن. ڏٺو وڃي ته هن وقت ن ليگ حڪومت جو وفاقي وزير محسن نقوي اڄڪلهه ڪافي سرگرم آهي. هڪ مهيني کان پ پ سربراهه، صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سميت مک سياستدانن سان تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ڪندو نظر پيو اچي. ڪڏهن نون صوبن جي قيام ته ڪڏهن ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي نفاذ بابت جمهوري نظريو رکندڙن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ هو طاقتورن جا پيغام پهچائي رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي موجوده چيئرمين به ڳالهين لاءِ راضپو ڏيکاريو آهي، پر ايندڙ وقت ۾ ڳالهيون ٿيندي نظر نه پيون اچن. پ پ پ چيئرمين جناب بلاول ڀٽو به ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ قيادت سان ملي چڪو آهي، پر ڪنهن به قسم جي ڪا اڳڀرائي نظر نٿي اچي. لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪنهن سخت طوفان جي زد ۾ وڃڻ واري آهي، جيڪو ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي صورت ۾ لڳڻ وارو آهي. هن وقت ملڪ جون توڙي خطي جون حالتون سازگار ناهن. ملڪ غربت، مهانگائي ۽ مالي وسيلن جي کوٽ جو بدترين شڪار ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن، سنڌ ۾ به نون صوبن واري مسئلي تي سخت احتجاج هلن پيا، وٺ پڪڙ لڳي پئي آهي. اهڙي صورت ۾ ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ يا هنگامي حالتن جو نفاذ ڪنهن به مسئلي جو جوڳو حل ناهي.

بهتر ٿيندو ته گورنر راڄ لڳائڻ يا نون صوبن جي اعلانيل قيام کان اڳ وفاقي حڪومت سياستدانن جي گول ميز ڪانفرنس گهرائي، اتي ڳالهين وسيلي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي، جيڪو ملڪ کي بهتري طرف ڌڪي سگهندو. خدا نه ڪري، جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ گورنر راڄ لڳي ٿو يا هنگامي حالتن جو نفاذ عمل ۾ اچي ٿو ته اها جمهوري قوتن جي هڪ ته ناڪامي سڏبي، ٻيو ته ان جو تئو ٻين صوبن تائين به پهچي سگهي ٿو.

You might also like