ايران کي ڌماڪي سان اُڏايون يا معاهدو ڪريون، فيصلو ڪرڻو پوندو: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ايران کي ڌماڪي سان اُڏائڻو آهي يا ان سان ڪو معاهدو ڪيو وڃي.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ايران سان معاهدو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته سامهون وارو ڌر پاڳل ۽ غير منطقي آهي؟
ان جي جواب ۾ هن چيو ته ممڪن آهي ايران کي بمباري جو نشانو بڻايو وڃي.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ايران کي ڌماڪي سان اڏايو وڃي يا ڪو معاهدو ڪيو وڃي، پر وقت تيزيءَ سان ويجهو اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تمام جلد اهو معاملو ختم ٿي ويندو.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين بابت موجودا رپورٽن موجب، ٻنهي ڌرين وچ ۾ امڪاني عبوري معاهدي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن، جنهن ۾ آبناءِ هُرمُز کولڻ ۽ آمريڪي پابندين ۾ نرمي جهڙا معاملا شامل آهن، جڏهن ته اهم معاملن تي اختلاف برقرار آهن.

You might also like