اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته وفاق طرفان خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته پارٽي هر آپشن استعمال ڪندي.
هڪ بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته گورنر راڄ يا ايمرجنسي سان حالتون اڃا بگڙي وينديون، جڏهن ته پي ٽي آءِ گورنر راڄ جي مذمت ڪندي. هن چيو ته پارٽي جو لانگ مارچ پرامن هوندو.
بئريسٽر گوهر موجب، خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي مان استعيفائن بابت اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو، هن چيو ته مضبوط وفاق لاءِ خودمختيار صوبو ضروري آهي.
ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته حڪومت کي ڳالهين جي طرف اچڻ گهرجي.
هن سوال اٿاريو ته دهشتگردي جو جواز پيش ڪيو پيو وڃي، پر جيڪڏهن بلوچستان ۾ به دهشتگردي موجود آهي ته اتي گورنر راڄ ڇو نه لڳايو پيو وڃي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ جي امڪان تي بيان سامهون آيا آهن، جڏهن ته بئريسٽر گوهر ان قدم جي مخالفت ڪندي لانگ مارچ کي پرامن رکڻ جو موقف ورجايو آهي.
You might also like