اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ ٻن هنڌن تي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن کي هوائي حملن ذريعي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي اطلاعن موجب 22 دهشتگرد مارجي مارجي ويا.
سڌ سماءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، تازيون ڪارروائيون ”آپريشن غضب للحق“ جي تسلسل ۾ ڪيون ويون ۽ تصديقي انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
وزارت جو چوڻ آهي ته هدفن کي درستگي سان تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد به تباهه ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب، ڪارروائي دوران شهرين جي جاني نقصان کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ويو.
حڪومت جو چوڻ آهي ته افغانستان مان پاڪستان لاءِ خطرو بڻجندڙ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشن جاري رهندو.