سنڌ ۾ هلندڙ سال هڪ لک 17 هزار کان مٿي ڪيس، حيدرآباد پهرين نمبر تي!

سنڌ جي صحت کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ مليريا جا هڪ لک 17 هزار 16 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سنڌ ۾ هلندڙ سال دماغي مليريا جو هڪ به ڪيس رپورٽ نه ٿيو، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 46 هزار 183 ڪيس رپورٽ ٿيا.

لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ مليريا جا 33 هزار 785 ڪيس، سکر ڊويزن ۾ 12 هزار 58 ڪيس، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 13 هزار 5 ڪيس رپورٽ ٿيا.

ميرپورخاص ڊويزن ۾ مليريا جا 10 هزار 898 ڪيس، جڏهن ته ڪراچي ڊويزن ۾ هلندڙ سال مليريا جا هڪ هزار 87 ڪيس رپورٽ ٿيا.

You might also like