اسلام آباد ٺاهه ايران جي ”عزت“ رکي ۽ آمريڪا کي به پابند ڪيو: مسعود پزشڪيان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جو دفاع ڪندي چيو آهي ته ان تحت ٿيل معاهدي سان ايران جي عزت تي ڪو حرف نه آيو، جڏهن ته آمريڪا کي به ڪجهه واضح واعدا پورا ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو هو، جن تي مرحليوار عملدرآمد ٿيڻو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مسعود پزشڪيان اصلاح پسند شخصيتن ۽ سماجي ڪارڪنن سان ملاقات دوران آمريڪا سان سفارتڪاري جي حمايت ڪئي ۽ کين مطالبو ڪيو ته ڳالهين جي حق ۾ عوامي راءِ هموار ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.
ايراني صدارتي آفيس جي سرڪاري ويب سائيٽ موجب، پزشڪيان چيو ته ايران معاهدي جي ڪنهن به شق ۾ پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽيو.
واضح رهي ته 17 جون تي پاڪستان جي ٽياڪڙي سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي اتفاق ٿيو هو، جنهن ۾ جنگ بند ڪرڻ، آبناءِ هرمز کولڻ ۽ ٻين معاملن تي حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ آبناءِ هرمز ۾ ٽن جهازن تي ايران جي حملن ۽ آمريڪي فوج طرفان بحري ناڪابندي ٻيهر لاڳو ڪرڻ کانپوءِ اها مفاهمت اثرائتي نه رهي.

You might also like