ڪراچي جي دل ۾ 19هين صديءَ جي گوٿڪ طرز تعمير واري هڪ عمارت بيٺل آهي، جيڪا اڄ مصالحن ۽ زرعي شين جي هڪ مصروف بازار جو مرڪز آهي. هڪ پراڻي ۽ وقت سان گهِسجي ويل تختي ٻڌائي ٿي ته اها عمارت راڻي وڪٽوريا جي گولڊن جوبلي جي ياد ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، جنهن ڪري ان جو نالو ايمپريس مارڪيٽ رکيو ويو. پر هتي ڪا به اهڙي نشاني موجود ناهي، جيڪا ٻڌائي سگهي ته هن بازار جي اڏاوت کان اڳ هن زمين تي ڇا ٿيو هو.
1857ع جي بغاوت دوران، جنهن کي انگريز ’بغاوت‘ ۽ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي ماڻهو ’جنگِ آزاديءَ جي پهرين جنگ‘ سڏين ٿا، باغي سپاهين کي ان پريڊ گرائونڊ تي سرعام ڦاهي ۽ موت جون سزائون ڏنيون ويون، جتي اڄ ايمپريس مارڪيٽ موجود آهي. نوآبادياتي فوجي رڪارڊ ٻڌائين ٿا ته ڪجهه سپاهين کي توپن جي منهن سان ٻڌي توپن سان اڏائي ڇڏيو ويو. مقامي تاريخدانن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ جي تعمير جو هڪ مقصد اهو به هو ته هن جاءِ کي انهن سپاهين جي يادگار بڻجڻ کان روڪيو وڃي. شهادت جي هڪ هنڌ کي سامراج جي يادگار سان مٽايو ويو. آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان به ان صاف ڪيل ۽ خاموش تاريخ کي برقرار رکيو. بازار ۾ انهن قتل ڪيل سپاهين جي ياد ۾ ڪا به نشاني موجود ناهي. انهن موت جي سزائن جو حڪم سنڌ جي برطانوي ڪمشنر بارٽل فريئر جي اختيار هيٺ جاري ڪيو ويو هو. ٿورو ئي پنڌ اڳتي، اشرافيه جي مشهور ڪراچي گرامر اسڪول ۾ اڄ به شاگرد فريئر جي نالي سان نعرا هڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته اسڪول جي چئن هائوسن مان هڪ جو نالو سندس نالي تي رکيل آهي. ٻئي هائوس جو نالو جنرل چارلس نيپئر جي نالي تي آهي، جنهن 1843ع ۾ سنڌ تي برطانوي قبضي جي اڳواڻي ڪئي هئي.
ويجهو ئي نوآبادياتي دور جا اهي سماجي ڪلب پڻ موجود آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ برطانوي اقتدار جي طاقت ۽ اثر جو اظهار ڪندا هئا ۽ انگريزي طرز تي تربيت يافته مقامي اشرافيه تيار ڪندا هئا، جيڪا سامراج جي حڪمراني ۾ مددگار ثابت ٿئي. آزاديءَ کانپوءِ اهي ڪلب خاص ماڻهن لاءِ رابطن جا مرڪز بڻجي ويا، جتي ميمبرشپ نسل در نسل منتقل ٿيندي رهي ۽ نون ميمبرن لاءِ ڊگهي انتظار جون فهرستون موجود رهيون. انهن ئي هنڌن تي هڪ نئين حڪمران اشرافيه برطانوي اعليٰ طبقي جي طرز زندگي کي پنهنجو نمونو بڻايو.
نوآبادياتي ماضي سان هيءَ وابستگي رڳو اشرافيه جي طرز زندگيءَ جو معاملو ناهي. ان جا اثر عدليه، بيوروڪريسي، فوج ۽ پوليس جي نظام ۾ به موجود آهن، جن ڪيترين ئي سڌارن باوجود پنهنجي بنيادي نوآبادياتي منطق کان مڪمل طور ناتو نه ٽوڙيو آهي. آزاديءَ کي لڳ ڀڳ 80 سال گذري وڃڻ باوجود اها سوچ ۽ جوڙجڪ اڃا تائين گهري پاڙون رکي ٿي.
قانون کي ئي ڏسو. 1857ع کانپوءِ برطانوي راڄ پوليسنگ ۽ نگرانيءَ جو هڪ مڪمل قانوني ڍانچو قائم ڪيو. 1860ع جو تعزيراتِ هند قانون ڏوهن ۽ انهن جي سزائن جي وضاحت ڪري ٿو. فوجداري طريقيڪار جو قانون گرفتاري، تلاشي، ضمانت، جسماني رمانڊ، مقدمي ۽ سزا بابت ضابطا مقرر ڪري ٿو. پاڪستان اڄ به انهن ٻنهي قانونن تحت ڪم ڪري رهيو آهي. فوجداري طريقيڪار جي قانون جي دفعو 144 هڪ وقت سياسي اختلاف ۽ مزاحمت کي دٻائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي. اڄ به ان کي ريليون روڪڻ، ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ سڄن شهرن ۽ صوبن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هڻڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ڊگهي عرصي کان ان کي نوآبادياتي دور جو سخت قانون قرار ڏيندي ان جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي.
اڄ به شهرين کي ذاتي سڃاڻپ جي دستاويزن لاءِ مقامي پوليس کان ’سٺي اخلاقي ڪردار‘ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوي ٿو. پاڪستان رڳو نوآبادياتي اختيار ورثي ۾ حاصل نه ڪيا، پر انهن کي نئين سر به جاري رکيو. 1960ع ۾ نافذ ڪيل ’مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر‘ آرڊيننس، جنهن کي قانوني ماهر 1919ع جي نوآبادياتي دور جي ’رولٽ ايڪٽ‘ سان ڳنڍين ٿا، اختيارين کي رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن شخص کي مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جي اجازت ڏئي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر بيرسٽر صلاح الدين احمد جو چوڻ آهي ته، ”هي اهڙو نظام آهي، جيڪو ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ بدران آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي. حفاظتي حراست جديد جمهوري رياست جي اصولن جي ابتڙ آهي.“
انهن نظامن جي برقرار رهڻ جو سبب پاڪستان جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ لڪل آهي. نئين رياست کي اهڙا ادارا ورثي ۾ مليا، جيڪي تبديلي آڻڻ بدران ڪنٽرول لاءِ ٺاهيا ويا هئا. انهن ادارن جو مقصد هڪ متنوع آباديءَ کي حڪمرانيءَ هيٺ رکڻ، فرمانبرداري لاڳو ڪرڻ، وسيلن جي حصول کي يقيني بڻائڻ ۽ سامراجي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هو.
پاڪستان کي هڪ منظم بيوروڪريسي ۽ تربيت يافته فوج به ورثي ۾ ملي، جڏهن ته سياسي ادارا نوان ۽ ڪمزور هئا. نتيجي ۾ فوج ۽ سول سروس اهم فيصلا ڪندڙ قوتون بڻجي ويون ۽ ’وفادار‘ زميندار انهن جا اهم فائدو وٺندڙ هئا. ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين هن ٽن ڌرين جي اتحاد گهڻو ڪري بنا روڪ ٽوڪ حڪمراني ڪئي، جڏهن ته چونڊيل نمائندن کي سڌي فوجي اقتدار ۽ سياست ۾ مسلسل مداخلت ذريعي پوئتي رکيو ويو. جڏهن به هن بندوبست کي چئلينج ڪيو ويو، عدليه ان کي تحفظ فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت عدليه پاڻ به هڪ طاقتور مرڪز بڻجي وئي ۽ فوجي ۽ بيوروڪريٽڪ اتحاد جي سياسي نظام تي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.
حقيقي سڌارن جو مطلب اهڙي نوآبادياتي ڍانچي کي ختم ڪرڻ هوندو، جيڪو انتظاميا جي بالادستي تي قائم آهي. پر فوج، بيوروڪريسي ۽ عدليه لاءِ اهڙي تبديلي آڻڻ ۾ گهڻو ترغيب موجود ناهي. وڏي اعلان ۽ شور سان ڪيل سڌارا خاموشيءَ سان وساري ڇڏيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ هڪ اهڙي نازڪ جمهوريت وجود ۾ اچي ٿي، جتي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جو سمورو الزام رڳو سياستدانن تي وڌو وڃي ٿو. سياست پڻ پنهنجو نوآبادياتي ورثو کڻي هلي رهي آهي. انگريزن نوابي رياستن ۽ موروثي جانشينيءَ جي نظام ذريعي مهاراجائن، نوابن ۽ قبائلي سردارن جي وفاداري حاصل ڪئي. پاڪستان جي موروثي ۽ خانداني سياست به ڪنهن حد تائين ان ئي معاهدي جي عڪاسي ڪري ٿي. رياست طرفان قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن جي مسلسل سرپرستي سندن وفاداري حاصل ڪرڻ ۽ ورثي ۾ مليل نظام کي آسانيءَ سان هلائڻ جو ذريعو بڻجي رهي آهي.
لاهور به ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. نوآبادياتي انتظاميا 1886ع ۾ ايچيسن ڪاليج قائم ڪيو ته جيئن نوابي خاندانن، سردارن ۽ پنجاب جي زميندار اشرافيه جي پٽن کي تعليم ڏئي سگهجي. ان جو تعليمي نمونو برطانوي پبلڪ اسڪولن تي ٻڌل هو. اڄ به ان جا 200 ايڪڙ وسيع ميدان، وڪٽورين-مغل طرز تعمير ۽ سياسي طور بااثر اڳوڻا شاگرد ان کي خاص اهميت ڏين ٿا. ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شادمان چوڪ موجود آهي، جيڪو ان جيل جي جاءِ تي ٺهيل گول چڪر آهي، جتي 1931ع ۾ ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏني وئي هئي. ڀڳت سنگهه هڪ انقلابي هو، جنهن برطانوي راڄ کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. سول سوسائٽي جي تنظيمن ڪيترائي ڀيرا مطالبو ڪيو ته هن چوڪ جو نالو تبديل ڪري ’ڀڳت سنگهه چوڪ‘ رکيو وڃي. هر ڀيري قانوني اعتراضن ۽ ساڄي ڌر جي گروهن جي مخالفت سبب اهي منصوبا ملتوي ڪيا ويا.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي جواب ۾ لاهور ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن هڪ رٽائرڊ نيوي ڪموڊور، طارق مجيد، جي رپورٽ پڻ شامل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڀڳت سنگهه ”انقلابي نه پر ڏوهاري، اڄ جي اصطلاح ۾ دهشتگرد هو، ڇاڪاڻ ته هن هڪ برطانوي پوليس آفيسر کي قتل ڪيو هو.“ لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل سال ڀڳت سنگهه ميموريل فائونڊيشن طرفان چوڪ جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي. شايد هن نوآبادياتي ورثي جي سڀ کان عجيب علامت هڪ اهڙو وڻ آهي، جيڪو هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان ’گرفتار‘ آهي. 1898ع ۾ خيبر پاس جي ويجهو لنڊي ڪوتل ۾ هڪ شرابي برطانوي آفيسر مبينا طور اهو سمجهيو ته وڻ سندس طرف وڌي رهيو آهي، تنهنڪري هن حڪم ڏنو ته وڻ کي فوجي حراست ۾ رکيو وڃي. سپاهين ان وڻ کي ڳرين لوهه جي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو. اهو وڻ اڄ به زنجيرن ۾ ٻڌل آهي ۽ سياحن لاءِ هڪ عجيب منظر بڻيل آهي.