ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڀارتي فلمساز مهش ڀٽ ۽ سندس پهرين گهرواري ڪرن جي پٽ راهول ڀٽ پنهنجي پيءَ سان خراب لاڳاپن بابت کُلي ڳالهائيندي چيو آهي ته ننڍپڻ ۾ کيس محسوس ٿيندو هو ته سندس والد ڪنهن حد تائين لاتعلق ۽ بي حس رهيو.
هڪ انٽرويو ۾ راهول ڀٽ چيو ته ”مون کي پنهنجو پيءُ پاڻ بڻجڻو پيو، منهنجو والد موجود ته هو، پر حقيقت ۾ موجود نه هو.“
هن چيو ته سندس پيءُ ڪجهه اهڙين ڪارڻن سبب کانئس لاتعلق رهيو،جنهن بابت بهتر هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو.
راهول جو چوڻ هو ته هو پنهنجي پيءُ سان محبت ۽ احترام ڪري ٿو، پر پاڻ مهش ڀٽ جهڙو ناهي.
هن پنهنجي والد سان لاڳاپن کي ”ٽٽل ۽ خراب تعلق“ قرار ڏيندي چيو ته کيس هميشه والد سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي آهي.
واضِح رهي ته مهش ڀٽ ۽ ڪرن 1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ گڏيل راضپي سان ڌار ٿي ويا هئا، جڏهن ته ٻنهي جي باظابطا طلاق 1988ع ۾ ٿي.
فلمساز 1986ع ۾ اداڪارا سوني رازدان سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ڌيئرون عاليه ڀٽ ۽ شاهين ڀٽ آهن.
پنهنجي ماٽيلي ماءُ سوني رازدان سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي راهول کيس تمام سٺي ۽ پاٻوهه واري عورت قرار ڏنو، پر گڏوگڏ چيو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته ٻنهي جو تعلق گهڻو ڪري رسمي يا ڏيکاءَ تائين محدود رهيو.
راهول ڀٽ وڌيڪ چيو ته مهش ڀٽ سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ باوجود سندس والد ڪرن جو خيال رکي ٿو ۽ سندن سار پرگهور لهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هو پاڻ به مناسب آمدني ڪمائي ٿو ۽ مالي طور تي خودمختيار آهي.
پيءُ جي پيار کان محروم رهجي مهيش ڀٽ جا پنهنجي پٽ سان به لاڳاپا ٽٽل ئي رهيا، راهول ڀٽ جا وڏا انڪشاف
You might also like