نِيشين (ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جا اڄ رٿيل ٻئي ٻئي ڪوارٽر فائنل به برسات جي ور چڙهي ويا، سريلنڪا ۽ بنگلاديش بهتر رينڪنگ جي بنياد تي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڪوارٽر فائنلز ۾ سريلنڪا جو نيپال، جڏهن ته بنگلاديش جو ملائيشيا سان مقابلو شيڊيول هو.
سيمي فائنل ۾ پاڪستان جو بنگلاديش ۽ ڀارت جو سريلنڪا سان مقابلو ٿيندو.
ٻئي سيمي فائنل پهرين آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ ڪوارٽر فائنل برسات سبب نه ٿي سگهيا هئا.
ايشين گيمز ڪرڪيٽ ڪوارٽر فائنل برسات جي ور چڙهي ويا، سريلنڪا ۽ بنگلاديش سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو
You might also like