”هر اڻوڻندڙ رويو جنسي هراساني ناهي“ وفاقي آئيني عدالت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي صدر جو حڪم بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو 31 ڊسمبر 2024ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي صدر جو حڪم بحال ڪري ڇڏيو.
وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته جنسي عنصر کانسواءِ شڪايت وفاقي محتسب جي دائري ۾ نٿي اچي، جڏهن ته ادارا اڻ وڻندڙ رويي تي سروس رولز تحت ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.
عدالت چيو ته هراسان ڪرڻ واري قانون جو مقصد ڪم واري هنڌ تي جنسي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
عدالت موجب، هر نامناسب رويو جنسي هراساني جي زمري ۾ نٿو اچي ۽ هراسان ڪرڻ واري قانون تحت ڪارروائي لاءِ جنسي عنصر ضروري آهي.
عدالت چيو ته هراساني وارو ايڪٽ عام شڪايتن تي لاڳو نٿو ٿئي،ڌ،
واضح رهي ته وفاقي محتسب ٻن بينڪ آفيسرن کي برطرف ڪيو هو ۽ صدر برطرفي جي سزا تبديل ڪري ڇنڊ پٽڻ واري سزا ڏني هئي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ صدر جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي محتسب جو فيصلو بحال ڪيو هو.

You might also like