اسٽيبلشمينٽ وٽ ايمرجنسي لڳائي نوان صوبا ٺاهڻ جو آپشن موجود آهي؟

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) ذريعن موجب طاقتور حلقن مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو آهي کيس پيغام ڏنو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي وڏي انگ ۾ نااهل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ڇا توهان پي ٽي آءِ سان گڏ بيهندا يا نه؟جنهن تي مولانا فضل الرحمان انهن کي ڪنهن به قسم جي خاطري ناهي ڪرائي هن جواب ڏنو ته اسان ملڪي مفاد ۾ جيڪو بهتر هوندو اهو فيصلو ڪنداسين،اسان ڪنهن آڏو پابند ناهيون نه ئي ڪنهن قسم جي خاطري ڏينداسين،اهي به خبرون آهن ته پي ٽي آءِ وارن کي اسلام آباد آڻي ايمرجنسي لڳائڻ جو جواز ٺاهيو پيو وڃي،ڇو ته ايمرجنسي لڳائي اسٽيبلشمينٽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي اهو آئيني ترميمن کان بغير نٿو ٿي سگهي،ان سان اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اتحادي سياسي پارٽين لاءِ هڪ فيس سيونگ جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيندي،ڇو ته نون صوبن تي پ پ آئيني ترميم جي حمايت نه ڪندي، ٿي سگهي ٿو ته صوبن جي معاملي تي ن ليگ به فيس سيونگ چاهيندي هجي،ڪي پي ۾ گورنر راڄ مڙهڻ سان حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون،چونڊيل حڪومت ڊاهڻ خلاف ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ بغاوت پيدا ٿي سگهي ٿي،جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا جاري آهن،گورنر راڄ جو فيصلو انهن ڳالهين جي ڪاميابي يا ناڪامي سان مشروط ٻڌايو پيو وڃي،جڏهن ته حڪومتي ذريعا قومي سطح تي ايمرجنسي لڳائڻ جي ترديد ڪري رهيا آهن،

You might also like