لاهور( سجاد انور)پي ٽي آءِ جي امڪاني لانگ مارچ سبب اسلام آباد ۾ ڪنٽينر نه هٽايا ويا، بلڪه ريڊ ۾ وڌيڪ ڪنٽينر گهرايا ويا آهن ۽ ٻين صوبن مان گهرايل پوليس جا جٿا به اتي موجود آهي،قومي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جا به اطلاع ملي رهيا آهن،سوال اهو ٿي اٿي ته ڇا اسٽيبلشمينٽ ايندڙ 5-10 سالن لاءِ سڀني کي هڪ روڊ ميپ ڏيکاري ڇڏيو آهي،پاڪستان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ سڀ ڪارڊز ظاهر ڪري ڇڏيا آهن ،فيلڊ مارشل جو ويزن محسن نقوي اڳ ئي بيان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ان سڄي پس منظر ۾، ڇا پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ، پي ٽي آءِ جي خيبر پختونخواهه حڪومت خلاف جلاّد جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿينديون؟ سڀ کان بنيادي سوال اهو آهي ته مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي کي جلاّد بنائڻ لاءِ تيار ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ نئين سر سان ڪوشش ڪرڻ برابر هوندو، ڇو ته فاصلا وڌي چڪا آهن. ايس آءِ ايف سي وارن جي ويڙهه سڀني سامھون آهي. نواز شريف پنهنجن ماڻهن کي چئي ڇڏيو آهي ته انهن نئين پروجيڪٽس ۾ اسان ان طريقي سان انڌي پٺڀرائي نٿا ڪري سگهون.اسٽيبلشمينٽ ٻنهي پارٽين مان ناراض به آهي،جڏهن ته گورنر راڄ هڪ صوبي ۾ هوندو، جيڪو ٻن مهينن کانپوءِ پارليامينٽ مان منظورڪرائڻو پوندو، پر اهو صدر جي ذريعي ۽ گورنر جي ذريعي ٿيندو. قومي ايمرجنسي به صدر جي ذريعي ئي ٿيندي، جتي توهان کي پارليامينٽ ۾ ٻن مهينن بدران ڇهن مهينن کانپوءِ وڃڻو پوندو. ڇھه مهينا گذرڻ ۾ ڪهڙو وقت لڳندو؟ معاملو ته ٻيهر پارليامينٽ جي ڪورٽ ۾ يا صدر وٽ ئي هوندو.اسٽيبلشمينٽ پنهنجي طور تي اهي سڀ معاملا نٿي ڪري سگهي. جئين چيو پيو وڃي ته فيصل ڪريم ڪنڊي کي هٽائي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريڊي کي خيبر پختونخواهه جو گورنر بڻايو ويندو ڪو چوي ٿو ڪنهن ريٽائرڊ جنرل کي ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويندو ڇو ته پاڪستان جي افغانستان سان جنگ لڳي پئي آهي،دهشت گردي هجي،سياسي بحران هجي يا معيشت جي بحالي هائبرڊ نظام جا سڀ حربا ناڪام ٿي چڪا آهن،ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قومي اتفاقِ راءِ جي ضرورت آهي. پي ٽي آءِ جي منڊيٽ کي مڃڻ جي ضرورت آهي ۽ پي ٽي آءِ سان گڏجي حڪمتِ عملي بڻائڻ جي ضرورت آهي.ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته خيبر پختونخواهه ۾ حالتون تمام خراب آهن، دهشتگردي آهي. پر خيبر پختونخواهه حڪومت جي مٿان پير رکي ته دهشتگردي ٺيڪ نٿا ڪري سگهو هي به هڪ سوال آهي. ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بدران، ۽ جيڪا هڪ اڳواڻ کي سياسي قيدي طور سهولت ڏني ويندي آهي، اها عمران خان کي ڇو نٿي ڏني وڃي؟ ملڪ هلائڻ ڪو انا جو معاملو ته ناهي هوندو، موجوده رجيم جيتريون به ڪاميابيون ٻاهرين ملڪ حاصل ڪري وٺي، ملڪ جي ڳنڀير مسئن کي عقل سان ويھي، سڀني سان گڏجي ڪري ئي حل ڪرڻو پوندو،سياسي پارٽين کي پنهنجي ضد تان لهڻو پوندو.جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻو آهي، ته ان کي پنهنجا باقي پروجيڪٽس ۽ خواب ختم ڪرڻا پوندا،اين ايف سي جي ري ماڊلنگ، نوان صوبا ٺاهڻ، ۽ 18هين ترميم کي واپس وٺڻ وارا مطالبـا ختم ڪرڻا پوندا. انهن کي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جون ڳالهيون مڃڻيون پونديون، تڏهن اهي ان کي ختم ڪري سگهندا،سياسي تجزئي نگارن موجب ائين نٿو ٿي سگهي ته اهي پي ٽي آءِ تي به ڏنڊو هلائين ۽ پ پ ۽ ن ليگ تي به ڪهاڙي هلائين،هن وقت هائبرڊ نظام هڪ طرح سان ختم ٿي چڪو آهي. اهو جوش ۽ جذبو هاڻي سڀني ڌرين ۾ ناهي رهيو. تنهن ڪري اهو نه سمجھيووڃي ته اهي سڀ متحد ٿي پي ٽي آءِ کي ختم ڪري ڇڏيندا.ايمرجنسي لڳائي توهان صرف هڪ صوبي جي حڪومت ختم ڪندؤ، ته ان کي سياسي انتقام سمجهيو ويندو. جيڪڏهن توهان چئني صوبن جي حڪومت ختم ڪريو پوءِ سمجهيو ويندو ته قومي مفاد ۾ ڪيو ويو آهي،پي ٽي آءِ کي افغانستان يا ٽي ٽي پي سان ڳنڍڻ ٺيڪ ناهي،ٻي ڳالهه ته عمران خان جيل ۾ ويهي پاڻ ئي پنهنجي پارٽي کي ڪمزور ڪري رهيو آهي،تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ يا حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت ئي ناهي.