نوان صوبا يا انتظامي يونٽ؟ سينيٽ چيئرمين ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڃا تائين نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي جوڙجڪ جي ايجنڊا سينيٽ ۾ ناهي آئي، چئني صوبن ۾ ترقي ٿيڻ گهرجي ۽ عوام جون محروميون ختم ٿيڻ گهرجن.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جنگي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستان امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته عالمي جنگي حالتن جي خاتمي ۾ ڪاميابي سان پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿينديون، جيڪڏهن ڪو پاڪستان ۾ مداخلت ڪندو ته اسان جواب ڏينداسين.
يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ اسان فتح حاصل ڪئي، اسان پاڙيسرين سان امن قائم رکڻ چاهيون ٿا.

You might also like