ڊبليو پي ايل ميگا آڪشن کان اڳ برقرار رکيل ۽ ڇڏيل رانديگرياڻين جي فهرست جاري

وومينز پريميئر ليگ(ڊبليو پِي ايل) جي پنجين ايڊيشن لاءِ سمورين فرنچائزز طرفان برقرار رکيل ۽ رليز ڪيل رانديگرياڻين جي فهرست سامهون اچي وئي آهي.
ڊبليو پي ايل 2027 جي پليئر نيلامي 28 آڪٽوبر تي ڪوچي ۾ ٿيندي، جڏهن ته ٽورنامينٽ 14 جنوري کان 7 فيبروري تائين کيڏي ويندي.
گذريل سيزن جي ميگا آڪشن جي ابتڙ، هن سيزن ۾ رانديگرن کي برقرار رکڻ جي انگ جي ڪا حد مقرر نه ڪئي وئي آهي.
دهلي ڪيپيٽلز اينابيل سدرلينڊ، جميما روڊريگز، چنيلي هينري، لورا وولوارڊٽ، ماريزان ڪيپ، نڪي پرساد، دِيا يادَو، لوسي هيملٽن، منو مني، شيفالي ورما، ممتا مدي والا، نندني شرما، سري چاراني کي برقرار رکيو آهي.
ان کانسواءِ ليزل لي، الانا ڪنگ، اڊلا سرجنا، تانيا ڀاٽيا، سنيها رانا، پراگتي سنگهه کي رليز ڪيو ويو آهي.
گجرات جائنٽس انوشڪا شرما، ڀارتي ڦُلمالي، جنتيماڻي ڪاليتا، ڪم گارٿ، سوفي ڊيوائن، ايشلي گارڊنر، جارجيا ويرهام، ڪنيڪا آهوجا، راجيشوري گائيڪواڙ، تنوجا ڪنور، بيٿ موني، هيپي ڪماري، ڪاشوي گوتم، رينوڪا سنگهه، يَستڪا ڀاٽيا پنهنجي اسڪواڊ ۾ رٽين ۽ ڊيني وائيٽ-هاج، آيوشي سوني، تيتاس سڌو، شيواني سنگهه کي رليز ڪري ڇڏيو آهي.
ممبئي انڊينز امن جوت ڪور، هيلي ميٿيوز، راهيلا فردوس، شبنم اسماعيل، اميليا ڪير، نيٽالي اسڪيور برنٽ، ساجيوان سجنا، وئشنوي شرما، هرمن پريت ڪور، نڪولا ڪيري، سنسڪرتي گپتا کي اسڪواڊ ۾ برقرار ۽ گنالن ڪمالني، ملي اِلنگورٿ، نالا ريڊي، پونم کيم نار، ترويني واسيستا، سائڪا عشاق کي رليز ڪيو آهي.
رائل چيلنجرز بنگلورو ارونڌتي ريڊي، لارين بيل، پرٿيوشا ڪمار، رچا گهوش، سمرتي منڌنا، ايلسي پيري، نادين ڊي ڪلرڪ، پريما راوت، سائيلي ستگھري، جارجيا وول، پوجا واستراڪر، راڌا يادَو، شرينڪا پٽيل کي برقرار ۽ گريس هيرس، لنزي سمٿ، گوتمي نائيڪ، ديالان هما لٿا کي رليز ڪيو آهي.
يو پي واريئرز جي برقرار رکيل رانديگرياڻين ۾ ديپتي شرما، ميگ ليننگ، شِکا پانڊي، سوفي ايڪلسٽن، هرلين ديول، فوبي لِچفيلڊ، شپرا گِري، تارا نورس، ڪرنتي گائود، پريتيڪا راول، سمرن شيخ شامل آهن، جڏهن ته ڪرن ناگويري، ڪلوئي ٽرائون، ايمي جونز، ڊي اينڊرا ڊوٽن، آشا سوڀاتا، شويتا شراوت کي رليز ڪيوويو آهي.

You might also like