اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پنشن سڌارن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر قرض وٺڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ 138 ارب 48 ڪروڙ رپين جي برابر آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، هن منصوبي کي ٽرانسفارمنگ پبلڪ سيڪٽر پنشن پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر جو پروگرام لون 3 سالن لاءِ هوندو، جنهن ۾ 15 ڪروڙ 92 لک ڊالر جي ٽيڪنيڪل مدد پڻ شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پروگرام پهرين نومبر 2026ع کان شروع ٿي نومبر 2029ع ۾ مڪمل ٿيندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، نئون قرض پروگرام سڌارن جي نتيجن سان ڳنڍيل هوندو، جڏهن ته موجوده پنشن نظام قومي خزاني تي وڏو مالي ٻوجهه بڻجي چڪو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت جو ساليانو پنشن بل 1169 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
You might also like