خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جو امڪان؟ سهيل آفريدي وڏو وزير نه رهندو، ”ڪجهه به ٿي سگهي ٿو “ امير مقام

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته وڏو وزير سهيل آفريدي جي غيرقانوني قدمن سبب گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون سموريون قانوني گهرجون پوريون آهن، خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نفيس انسان آهي، باقي ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير مقام چيو ته خيبرپختونخوا جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، صوبي جو عوام ڊگهي عرصي کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو ڪيتريون قربانيون ڏئي رهيا آهن. تبديلي سرڪار رڳو وڏا وزير مٽايا، عوام جي قسمت نه بدلائي.
هن چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ۽ پي ٽي آءِ 13 سال حڪومت ڪئي، پر عوام جنهن مقصد لاءِ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو هو، اهو نظر نٿو اچي.
هن وڌيڪ چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين تباهي تي سهيل آفريدي کي وڃڻو پوندو، ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڪو آپشن هلي يا نه هلي، سهيل آفريدي نه هلي سگهندو. سهيل آفريدي نه پارٽي اندر هوندو ۽ نه پارٽي کان ٻاهر، جڏهن ته وڏي وزارت تان هٽڻ کانپوءِ ڦرلٽ جي ڏوهه ۾ جيل اندر هوندو.

You might also like