نيتن ياهو جو يو اي اي جو هڪ سال اندر ٻيو ڳجهو دورو؟ اماراتي صدر سان ملاقات جي دعويٰ

ابوظبي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آچر ڏينهن گڏيل عرب امارتن جو دورو ڪيو، جتي ابوظبي ۾ سندس يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زائد سان ملاقات ٿي.
ٻئي پاسي اماراتي پرڏيهي وزارت ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس نيتن ياهو جي دوري بابت خبر تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ به اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس نيتن ياهو جي يو اي اي جي دوري ۽ اماراتي صدر سان ملاقات جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ان ملاقات جي ترديد ڪئي هئي.

You might also like