مريد شاخ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ مزدوري لاءِ ويل 8 پورهيت اغوا ٿي ويا.
وارثن موجب، اغوا ٿيل پورهيتن جو تعلق مريد شاخ ويجهو ڳوٺ مٺل ڏهر سان آهي. پورهيت روزگار سانگيِ بلوچستان مزدوري ڪرڻ ويا هئا.
وارثن جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيلن ۾ سڪندر، نعمان، شمن، نعيم، سميع خان، آفتاب، باسط ۽ انشاد احمد ڏهر شامل آهن.
Prev Post
You might also like