لانگ مارچ کي ڪڏهن جلوس چيو ويندو هو، پوءِ ان لاءِ احتجاج، ريلي ۽ لانگ مارچ جهڙا نوان ۽ جديد نالا استعمال ٿيڻ لڳا. لانگ مارچ جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ ماڻهن جي هجوم جو تصور اڀري ٿو. تاريخ تي نظر وجهون ته نعرا، شور، پوءِ لٺيون، بندوقون، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، ٽينڪ ۽ هٿياربند گاڏيون ياد اچن ٿيون. هاڻي ان لغت ۾ ڪنٽينر ۽ ڪوڪا به شامل ٿي چڪا آهن. پر جيڪڏهن سياست ۽ احتجاج کي عشق جي زبان ۾ بيان ڪرڻو هجي ته پوءِ عاشق، محبوبه ۽ رقيب جون پراڻيون اصطلاحون ياد اچن ٿيون. جيڪڏهن اقتدار کي محبوبه تصور ڪجي ته عاشق ۽ رقيب جي جنگ ۾ پراڻي زماني ۾ خنجر، تلوار، چاقو ۽ ڇريون مقابلي جا هٿيار سمجهيا ويندا هئا. ڇرين جا به ڪيترائي قسم مشهور آهن. ڪُنڍي ڇري، تيز ڇري، مٺي ڇري ۽ 56 ڇري. مٺي ڇري ته اتحادي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته 56 ڇري وار ڪرڻ کان سواءِ به مخالف کي زخمي ڪري ڇڏيندي آهي. 56 ڇري اصل ۾ جانڪي بائي الهه آباديءَ جو لقب هو. 1880ع ۾ بنارس ۾ جنم وٺندڙ جانڪي بائي جي ماءُ منڪي ۽ پيءُ شيو بالڪ رام هو. گهر جون مالي حالتون خراب ٿيون ته ماءُ ۽ ڌيءَ الهه آباد پهتيون، جتي ڪوٺي ڪلچر جو حصو بڻجڻ لاءِ هنن ڪلاسيڪي موسيقي جي تربيت حاصل ڪئي.
گراموفون، يعني باجي جي اچڻ کان پوءِ جانڪي ديوي به گوهر جان وانگر مشهور ڳائڻي بڻجي وئي. جانڪي ديوي اڃا ٻارهن سالن جي هئي ته رگھونندن نالي هڪ پوليس ڪانسٽيبل مٿس ڇري سان حملو ڪيو. رگھونندن جانڪي سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ چاهيو ٿي. انڪار ڪرڻ تي هن ڇري سان حملو ڪيو، جنهن سبب جانڪي جي جسم ۽ چهري تي ڪيترائي زخم ٿيا، جن کي پوءِ ڇونجاهه (56) زخمن سان سڃاتو ويو. انهيءَ واقعي کان پوءِ جانڪي ديوي جو نالو ئي ”56 ڇري“ پئجي ويو. جانڪي ديوي جي چهري تي ڇرين جا نشان هئا، تنهنڪري هوءَ پردي پٺيان ويهي ڳائيندي هئي. وقت گذرڻ سان اصل جانڪي ديوي ته وسرندي وئي، پر ”56 ڇري“ جو محاوراتي استعارو باقي رهيو. هاڻي ان جو مطلب اهڙي شوخ ۽ طرحدار عورت ورتو وڃي ٿو، جيڪا پنهنجي حسن، ناز ۽ انداز سان وار ڪري.
تازي خبر اها آهي ته 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ لانگ مارچ 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، يعني ستمگر سيپٽمبر هاڻي آڪٽوبر ۾ ٿيندو. لانگ مارچ جا وار 56 ڇري وارا هئا ته حڪومتي انتظام ڪُنڍي ڇري وارا هئا. محاوراتي زبان ۾ ڪُنڍي ڇري سان مخالف کي ذبح ڪرڻ جو مطلب کيس وڌيڪ تڪليف ڏيڻ ۽ تڙپائي تڙپائي مارڻ هوندو آهي. جماعت اسلامي کي مٺي ڇري ذريعي ڊيل ڪيو ويو، جيتوڻيڪ عام طور عاشقن جي وچ ۾ جنگ ۽ مقابلي لاءِ تيز ڇري استعمال ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان حريف ۽ رقيب جو فوري خاتمو ٿي ويندو آهي. ۽ جڏهن رقيب ئي ختم ٿي وڃي ته پوءِ محبوبه اقتدار تائين پهچڻ آسان ٿي وڃي ٿي.
هڪ زماني ۾ وزيرآبادي چاقو ۽ ڇريون تمام مشهور هونديون هيون. مون کي ذاتي طور تي هڪ وزيرآبادي چاقو جي تيز ڌار اهڙي لڳي هئي، جو اڄ تائين کاٻي هٿ جي پهرين آڱر تي ان جو نشان موجود آهي. منهنجو مرحوم والد گجراتي زبان ۾ چاقو کي هميشه ”چقو“ چوندو هو. وزيرآبادي چقو جا وار سڌا ۽ چٽا هوندا هئا، ان جي ڌار سان لڳل زخم مان رت ته وهندو هو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڀرجي ويندو هو.
اڄڪلهه جي 56 ڇرين جا وار ۽ ڌار اهڙا آهن، جو نه زخم ظاهر ٿيندو آهي ۽ نه ئي ان جي ڀرجڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. اهي ڇريون دل تي گهاءُ ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهي داغ ڪڏهن به وسرندا ناهن. انهن جي تڪليف ۽ درد سدائين قائم رهندو آهي. جيڪڏهن عملي سياست جون ڳنڍيون کولڻ جي ڪوشش ڪجي ته لانگ مارچ دراصل تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت لاءِ سياسي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل هو، ڇاڪاڻ ته يوٽيوب وارن ۽ عمراني ڀينرن طرفان مٿن شديد دٻاءُ هو ته عمران جي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرو، ٻي صورت ۾ وڏ وزارت ۽ قيادت ڇڏي ڏيو. جنهن ڏينهن کان تحريڪ انصاف تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي، ان ڏينهن کان ڀينرن ۽ يوٽيوب وارن جون توپون ته خاموش ٿي ويون آهن، جيتوڻيڪ انهن وٽ ڪُنڍيون ۽ مٺيون ڇريون هر وقت تيار پيل هونديون آهن.
لانگ مارچ اها طرحدار 56 ڇري آهي، جيڪا پنهنجي چال، ادائن ۽ دٻاءَ ذريعي اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿي ته هوءَ ڪو ڪمال ڏيکاري سگهي ٿي. ٻئي طرف حڪومتي ڪُنڍي ڇري ”ڪراچي واري“ اهو ڪمال ڏيکارڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ متحده جا لنڊن ۽ پاڪستان وارا ڌڙا وجود ۾ آيا هئا. وڏي وزير جي ترجمان شفيع جان جي بيانن ۾ جتي حڪومت کي للڪاريو ويو، اتي معنيٰ خيز انداز ۾ مٺي ڇري ڦيرائيندي يوٽيوب وارن کي چيو ويو ته يا ته ٻاهر کان اچي لانگ مارچ جي قيادت ڪن، يا پوءِ عمران خان جي نالي تي ڪمايل لکين ڊالرن مان ڪجهه رقم تحريڪ هلائڻ لاءِ موڪلين.
اهو واضح اشارو آهي ته ڀينرن ۽ يوٽيوب وارن جي استعمال واري معاملي تي پارٽي اندر بغاوت جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن هڪ تيلي به لڳي ته باهه ڀڙڪي سگهي ٿي ۽ اهڙيءَ ريت تحريڪ انصاف جي پاڪستاني قيادت ٻاهر کان ڏنل بيانئي، حڪمت عملي ۽ تنقيد خلاف کلي عام بغاوت ڪري سگهي ٿي. ڏسڻو اهو هوندو ته حڪومت جنهن ڪُنڍي ڇري سان 56 ڇري کي هميشه لاءِ خاموش ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ڇا اها پارٽي جي اها ئي ورهاست آهي يا حڪومت جي جادوئي ٽوپي مان ڪو ٻيو نئون ڪبوتر نڪرندو؟ سب رنگ واري شڪيل عادل زاده ”بازي گر“ جي نالي سان هڪ سلسليوار ڪهاڻي لکي هئي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار بابر زمان خان عرف ”لاڏلو“ چاقو هلائڻ ۾ ماهر هو. ان ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو هو ته چاقو بازن جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ متوازي حڪومت هلائيندو هو. چاقو بازن جي علائقائي ٿاڪن کي ”پاڙو“ چيو ويندو هو، ۽ پاڙي جي سربراهي ان شخص کي ملندي هئي، جيڪو چاقو هلائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماهر هوندو هو. عام طور مقابلي لاءِ استعمال ٿيندڙ چاقو کي ”رامپوري چاقو“ چيو ويندو هو، جيڪو وزيرآبادي چاقو کان وڌيڪ ڊگهو هوندو هو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته تضادستان هڪ وڏو پاڙو آهي ۽ ان جي حريفن جي هٿن ۾ چاقو نه، پر ڇريون اچي چڪيون آهن. هر بابر زمان لاڏلو پنهنجي ڪُنڍي ڇري، مٺي ڇري يا 56 ڇري ڏيکاري پاڙي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اندروني ويڙهه به اها ئي آهي، جيڪا اپوزيشن اندر مايوسي ۽ فرسٽريشن مان جنم وٺندي آهي. جيستائين ڪا سياسي جماعت ڪاميابيون حاصل ڪندي رهي ٿي، تيستائين عهدن جي حصول لاءِ مٺيون ڇريون هلنديون رهن ٿيون، پر جڏهن اپوزيشن ۾ ناڪاميون سامهون اچن ٿيون ته مايوسيءَ سبب اندروني ويڙهه وڌي وڃي ٿي ۽ هڪ ٻئي خلاف تيز ۽ ڪُنڍيون، ٻنهي قسمن جون ڇريون هلڻ لڳن ٿيون. بدقسمتي اها هوندي آهي ته ظاهري طور گڏجي هلندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جي غير موجودگيءَ ۾ کين پارٽيءَ جو غدار قرار ڏئي رهيا هوندا آهن. گهڻو ڪري اهي ويڙهون کليل نموني ناهن ٿينديون، پر سازشن ۽ افواهن ذريعي جنگ جاري رکي ويندي آهي. پنهنجي استاد خورشيد رضوي جو هي شعر تحريڪ انصاف جي اندروني صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو:
جوکھلی کھلی تھیں عداوتیں مجھے راس تھیں
یہ جوزہر خند سلام تھے مجھے کھا گئے
تحريڪ انصاف جو مارچ 4 آڪٽوبر تي ٿئي يا وري ملتوي ٿي وڃي، اصل سوال اهو آهي ته مارچ جو اسلام آباد پهچڻ محال آهي ۽ جيڪڏهن پهچي به وڃي ته عمران جي آزاديءَ جو امڪان صفر آهي. ڇا هن دٻاءَ سان صورتحال تبديل ٿيندي؟ بظاهر اهڙو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. ڇري ۽ چاقو جي هن ويڙهه ۾ اصل نقصان عام ماڻهوءَ جو آهي. جيڪڏهن رستا بند ٿيندا ته معيشت جو وڌيڪ ٻيڙو ٻڏندو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا لانگ مارچ واقعي تحريڪ انصاف جو آخري لانگ مارچ ثابت ٿيندو، يا هن لانگ مارچ مان ڪا نئين تحريڪ جنم وٺي سگهندي؟