ملڪي بحران ۽ تاريخ مان سبق سکڻ جي ضرورت

ذلفي چاچڙ

ملڪ هن وقت بحرانن جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، جنهن جي تري ۾ مسئلن جي ڪا پڄاڻي نظر نٿي اچي، پر انهن مسئلن مان نڪرڻ جو رستو به ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي. معيشت جي بحاليءَ جون دعوائون ڪندڙ معاشي ماهر به هاڻي تباهه حال معيشت کي سنڀالڻ ۾ بي وسيءَ جي تصوير بڻيل نظر اچن ٿا. ٻئي طرف تجربيڪار سياسي اڳواڻن جي سامهون به اهو سوال وات ڦاڙي بيٺو آهي ته ملڪ کي هن ڀنور مان ڪيئن ڪڍيو وڃي، ان کي ٻيهر استحڪام ۽ ترقيءَ جي راهه تي ڪيئن آندو وڃي ۽ انهن سنگين مسئلن جو اهڙو قابلِ عمل ۽ پائيدار حل ڪيئن ڳوليو وڃي، جيڪو ملڪ کي بار بار جي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. معاشي زبون حاليءَ بابت حڪمرانن جي بي وسي ۽ لاچاري ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ملڪ ڏيوالپڻي جي حدن کي ڇهي چڪو هجي، پر سرڪاري سطح تي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ يا ان جو باقاعده اعلان ڪرڻ جي جرئت ڪنهن ۾ به ناهي، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي انديشو آهي ته اهڙي اعتراف جي سياسي قيمت کين ادا ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ ريت حقيقت پنهنجي سموري سنگينيءَ سان سامهون موجود آهي، پر ان کي تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي.

جيڪڏهن موجوده بحرانن جو غيرجانبداراڻو جائزو ورتو وڃي ته اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته ملڪ جي اڪثر سياسي مسئلن جو حل سياسي ئي ٿي سگهي ٿو. پر الميو اهو آهي ته هتي سياست کي سياستدانن لاءِ آزاد ميدان ئي رهڻ نه ڏنو ويو آهي. غير سياسي قوتون سياسي معاملن تي اهڙي نموني اثرانداز ٿينديون رهيون آهن، جو سياستدان نه آزاداڻي نموني سوچي سگهن ٿا، نه پنهنجي سياسي بصيرت موجب فيصلا ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل مشاورت جو رستو اختيار ڪري سگهن ٿا. ان کان به وڌيڪ عجيب صورتحال اها آهي ته جتي طاقت جي استعمال سان معاملا بگڙڻ جو انديشو هجي، اتي به طاقت آزمائي ڪئي وڃي ٿي ۽ جتي طاقت بدران مڪالمي، سمجهه، سهپ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت هجي، اتي طاقت جو بي رحم استعمال ٿيندو رهيو آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته جيڪي مسئلا سلجهڻ گهرجن ها، اهي وڌيڪ منجهندا ويا، فاصلا گهٽجڻ بدران وڌندا ويا ۽ اختلافن جي خاتمي بدران انهن ۾ شدت پيدا ٿيندي وئي. هاڻي اها صورتحال ملڪ جي امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ لاءِ خطري جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي.

دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو مسئلو هجي، جنهن جو ڪو حل موجود نه هجي. باشعور قومن جي سڃاڻپ ئي اها هوندي آهي ته اهي بحرانن کان گهٻرائڻ بدران انهن جي پاڙ تائين پهچن ٿيون، مسئلي جو حل ڳولين ٿيون ۽ پوءِ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙين ٿيون، جن سان مستقبل ۾ ساڳيو بحران ٻيهر منهن نه ڪڍي سگهي. ترقي يافته قومون پنهنجين غلطين کي لڪائڻ بدران انهن مان سبق حاصل ڪن ٿيون، پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف ڪن ٿيون ۽ ماضيءَ جي تجربن کي مستقبل جي اڏاوت لاءِ رهنما اصول بڻائين ٿيون. ان جي ابتڙ اهي قومون جيڪي تاريخ جي تجربن مان سبق نٿيون سکن، جيڪي پنهنجي ناڪامين کي تسليم ڪرڻ بدران انهن کي ٻيهر ورجائين ٿيون ۽ ناڪام تجربن کي نون نالن ۽ نون جوازن سان ٻيهر آزمائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، آخرڪار انهن ئي تجربن جي ملبي هيٺ دٻجي وڃن ٿيون. ڪنهن قوم لاءِ ان کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ صورتحال ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو اها پنهنجي ئي تاريخ طرفان ڏنل خبرداريءَ کي نظرانداز ڪندي بار بار انهيءَ رستي تي هلندي رهي، جيڪو اڳ به تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي چڪو هجي.

ملڪي تاريخ ۾ طاقت جي مرڪزن طرفان ڪيل دانسته يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ٿيندڙ غلطين جا اثر اڄ به مختلف صورتن ۾ اسان جي سامهون موجود آهن. انهن تلخ تجربن مان ڇوٽڪاري جو رستو ماضيءَ کي وسارڻ نه، پر ان جو ايمانداراڻو جائزو وٺڻ، غلطين جو اعتراف ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ انهن جي ورجاءَ کي روڪڻ جي ضمانت فراهم ڪرڻ آهي. رڳو طاقت جي زور تي تاريخ جا ورق نٿا بدلائي سگهجن؛ تاريخ جو بار تڏهن ئي هلڪو ٿيندو آهي، جڏهن غلطين کي تسليم ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي. ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي نظر وجهون ته محسوس ٿئي ٿو ته تجربيڪار، سنجيده، مخلص، ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه سياستدانن لاءِ سياسي ميدان آهستي آهستي سوڙهو ڪيو ويو آهي. سياست، جيڪا ڪنهن زماني ۾ قومي مسئلن تي مڪالمي، اختلافِ راءِ، مفاهمت ۽ گڏيل فيصلن جو ذريعو سمجهي ويندي هئي، اڄ گارگند، الزام تراشي، ذاتي حملن ۽ نفرت جي گوڙ ۾ گم ٿيندي پئي وڃي. سياسي اختلاف کي دشمني ۽ نظرياتي اختلاف کي ذاتي جنگ بڻائڻ جو لاڙو سياست جي روح کي زخمي ڪري رهيو آهي.

الميو اهو آهي ته جنهن سياست کي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو ذريعو بڻجڻ گهرجي ها، اها پاڻ هڪ بحران بڻجي چڪي آهي. جنهن سياسي عمل ذريعي قومي اختلافن کي ڳالهين جي ميز تي آڻي سگهجي پئي، ساڳئي سياسي عمل کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. اها ئي خرابي اڄ ملڪ جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن جو سبب بڻجندي نظر اچي ٿي. سياست کي يرغمال بڻائڻ اصل ۾ رياستي ۽ قومي معاملن کي يرغمال بڻائڻ جي برابر آهي. ان عمل جي ذميواري رڳو غير سياسي قوتن تائين محدود نٿي ڪري سگهجي؛ سياسي جماعتون به ان ذميواريءَ کان آجو نٿيون ٿي سگهن. جڏهن سياسي جماعتون سياست کي غير سياسي قوتن جي اثر  رسوخ کان آزاد ڪرائڻ بدران، انهن ئي قوتن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ اقتدار تائين پهچڻ لاءِ سندن خوشنوديءَ جون محتاج بڻجي وڃن ٿيون، تڏهن جمهوري سياست جو بنياد پاڻ ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي.

اهو ئي طرز عمل آخرڪار ان بحران کي جنم ڏئي ٿو، جنهن کي ملڪ اڄ منهن ڏئي رهيو آهي. معيشت جي بدحالي، بيروزگاري، بک، بدامني، سياسي عدم استحڪام ۽ سماجي انتشار هڪ ٻئي سان ڳنڍيل مسئلا آهن. جڏهن سياسي نظام پنهنجي فطري رستن تي هلڻ کان قاصر ٿي وڃي ٿو ته انهن مان ڪو به مسئلو اڪيلو نٿو رهي، پر هڪ بحران ٻئي بحران کي جنم ڏيندو وڃي ٿو. ملڪي مفاد ۽ قومي سلامتيءَ جا تقاضا آهي ته هاڻي ماضيءَ جي غلطين کان اکيون چورائڻ بدران ان کي منهن ڏيڻ گهرجي. پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف ڪيو وڃي، غلط فيصلن تي معذرت ڪئي وڃي ۽ ان اصول کي تسليم ڪيو وڃي ته رياستي معاملن جو مستقل حل طاقت ۾ نه، پر آئين، قانون، سياسي مڪالمي ۽ ادارتي حدن جي پاسداريءَ ۾ لڪل آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر ادارو پنهنجي آئيني حدن کي سڃاڻي ۽ انهن ئي حدن اندر رهي پنهنجون ذميواريون ادا ڪري. سياسي مسئلن کي سياسي انداز ۾ حل ڪيو وڃي، اختلاف کي دشمني نه سمجهيو وڃي، ڳالهه ٻولهه جا دروازا بند نه ڪيا وڃن ۽ هر مسئلي جي آخري حل طور طاقت کي استعمال ڪرڻ واري لاڙي کي ختم ڪيو وڃي. اهو ئي اُهو رستو آهي، جنهن ذريعي ملڪ ۾ ڀڙڪندڙ نفرت جي باهه تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي مستقل بنيادن تي امن، برداشت ۽ مفاهمت جو نظام قائم ڪري سگهجي ٿو. اڄ اسان جي سامهون ٻه رستا آهن، هڪ رستو ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکڻ، آئين ۽ قانون جي بالادستي، سياسي مڪالمي، مفاهمت ۽ قومي يڪجهتيءَ ڏانهن وڃي ٿو؛ جڏهن ته ٻيو رستو اسان کي وڌيڪ ٽڪراءَ، انتشار ۽ تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. هاڻي اهو فيصلو اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسان تاريخ مان سبق سکون ٿا يا تاريخ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سامهون ورجائيندي ان ئي انجام ڏانهن وڌون ٿا، جنهن کان بچڻ لاءِ اسان کي بار بار خبردار ڪيو ويو آهي.

You might also like