1996ع جو زمانو هو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا جي سياسي فضا بدلجي چڪي هئي. سوشلسٽ فڪر تي سوال اٿاريا پئي ويا ۽ ڪيترن ئي پراڻن ڪامريڊن جي لهجن ۾ مايوسي محسوس ٿيندي هئي. اهڙي وقت ۾، جڏهن ڪميونسٽ هجڻ پاڻ ۾ هڪ امتحان هو، ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجي نظريي، اصولن ۽ جدوجهد سان چنبڙيل رهيا. ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي انهن ئي ماڻهن مان هڪ هو.
اسان ڪامريڊ عاصم آخوند جي معرفت ڪامريڊ امداد قاضي سان ملياسين. نسيم نگر ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ سياسي ۽ نظرياتي بحث هلندا هئا. ڪميونسٽ پارٽي مختلف مرحلن مان گذري ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي جي شڪل اختيار ڪري چڪي هئي. نيٺ 1996ع جي وچ ڌاري خالد ٻرڙو، ذوالفقار شاهه، عاصم آخوند ۽ مان به ان قافلي جو حصو بڻجي وياسين. ان دور ۾ ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي، استاد مرتضيٰ، اسماعيل خاصخيلي، ماندل شر، ڪٽو شر، فرهاد رند، منصور سعيد، امام علي نازش ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سان ملاقاتون ٿيون. ڪامريڊ اقبال خان، جيڪو اڄ به سنڌ ۾ پارٽي جي قيادت سان لاڳاپيل آهي، ان وقت ذيل پاڪ سيمينٽ فيڪٽري جي يونين ۾ استاد مرتضيٰ ۽ محمد حنيف سان گڏ سرگرم هو.
ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي ان وقت ٽريڊ يونين تحريڪ جو هڪ اهم نالو هو. مزدورن جي حقن جي جدوجهد هجي يا نظرياتي محاذ، سندس ڪردار هر هنڌ نمايان نظر ايندو هو. کيس محبت سان ”چاچا مولا بخش“ سڏيو ويندو هو. سادگي، بي لوثي ۽ اصول پسندي سندس سڃاڻپ هئي. سوويت يونين جي زوال کان پوءِ ڪميونسٽ فڪر جو دفاع ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. ان دور ۾ ڪميونسٽ سڏائڻ جو مطلب هو ته اوهان هر وقت سوالن، اعتراضن ۽ مخالفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهو. ڪيترائي پراڻا ساٿي مايوسيءَ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پر چاچا مولا بخش جهڙا ماڻهو ثابت قدميءَ سان بيٺل رهيا. هو يقين رکندا هئا ته نظريا رڳو سياسي حالتن سان ختم ناهن ٿيندا، پر ماڻهن جي جدوجهد سان زنده رهندا آهن.
انهن ڏينهن ۾ ”مارڪسزم جو دفاع“ جي عنوان سان پروگرام ۽ گڏجاڻيون ٿينديون هيون. قاسم آباد جي عبدالله پارڪ ۾ ٿيل وڏي هاري ڪانفرنس اڄ به ياد آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪامريڊ خالد چانڊيو ان ڪانفرنس ۾ تمام سرگرم رهيو. ان کان پوءِ حالتون ڪجهه ساٿين لاءِ ڏکيون به ٿيون، دٻاءُ به وڌيو، پر اهڙن وقتن ۾ به ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي ۽ ڪامريڊ امداد قاضي جي چهري تي عجيب قسم جو سڪون هوندو هو. سندن بي خوفي ۽ اعتماد نوجوان ساٿين لاءِ همٿ جو سرچشمو هوندو هو. ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي هڪ ٽريڊ يونين اڳواڻ هوندي به ڪڏهن ذاتي فائدي جي راهه اختيار نه ڪئي. هن سادي زندگي گذاري، پر اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. اسان جي نسل لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته اسان اهڙن ماڻهن کي ويجهو ڏٺو، جيڪي پنهنجي فڪر سان آخري گهڙي تائين وفادار رهيا.
هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه، پر هڪ اهڙو انسان هو، جنهن ساٿين مان خوف ختم ڪرڻ ۽ جدوجهد جو حوصلو پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن ڏکين حالتن ۾ به پارٽي ۽ فڪر جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪيو. اهڙي ثابت قدمي تاريخ ۾ هر ڪنهن جي حصي ۾ نٿي اچي. روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جي يونين کان وٺي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تائين سندس سفر سنڌ جي مزدور ۽ سياسي تحريڪ جي تاريخ جو اهم باب آهي. سندس زندگيءَ تي هڪ مڪمل ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها زندگي رڳو هڪ فرد جي ڪهاڻي نه، پر هڪ فڪر، هڪ جدوجهد ۽ هڪ دور جي تاريخ آهي.
تاريخ انهن ماڻهن کي وساري نٿي سگهي، جيڪي زماني جي سخت هوائن ۾ به پنهنجي اصولن جو جهنڊو جهڪڻ نٿا ڏين. ڪامريڊ مولا بخش خاصخيلي به اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو آخري گهڙي تائين پنهنجي نظريي، پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي ساٿين سان نڀائيندو رهيو.