ڪوهلي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، آخري ميچ ڪڏهن کيڏندو؟

ٿيرواننتاپورم (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي تصديق ڪئي آهي ته 2027ع وارو ون ڊي ورلڊ ڪپ سندس ڪيريئر جو آخري ميگا ايونٽ هوندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي چيو آهي ته ايندڙ سال ٿيندڙ هڪ ڏينهن وارو ورلڊ ڪپ ڀارت لاءِ سندس آخري ورلڊ ڪپ هوندو ۽ هو ڀارت لاءِ ٽرافي کٽڻ لاءِ پنهنجي سموري صلاحيتون ڪتب آڻڻ لاءِ تيار آهي.
واضح رهي ته ون ڊي انٽرنيشنلز ۾ 54 سينچرين سان سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڪوهلي اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي ۽ هاڻي ڀارت جي نمائندگي رڳو 50 اوورن واري فارميٽ ۾ ڪري رهيو آهي.
ويرات ون ڊي انٽرنيشنلز ۾ 14 هزار 941 رنسون ٺاهيون آهن، جيڪي سچن ٽنڊولڪر جي 18 هزار 426 رنسن کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهن. ڪوهلي 2011ع ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ واري ڀارتي ٽيم جو حصو رهيو، جڏهن ته 2023ع واري ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان شڪست ملي هئي.
2027ع جو ورلڊ ڪپ، جيڪو آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا جي گڏيل ميزباني هيٺ ٿيندو، ڪوهلي جو پنجون ون ڊي ورلڊ ڪپ هوندو.
ڪوهلي ڇنڇر ڏينهن مقامي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته ”منهنجي لاءِ هي اهو آخري ورلڊ ڪپ آهي، جيڪو مان ڀارت لاءِ کيڏندس.“
هن چيو ته اهو ئي سندس عزم ۽ اتساهه آهي ته هو ميدان ۾ پنهنجي سموري طاقت لڳائي ، مقصد يقيني طور ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي ۽ ان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو، هو ان لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
ويرات ڪوهلي چيو ته 50 اوورن واري ورلڊ ڪپ جا مطالبا ان کي ڪرڪيٽ جي ڏکين ترين چئلينجن مان هڪ بڻائين ٿا، خاص طور تي ان ڪري جو هي ٽورنامينٽ پنهنجي ملڪ کان ٻاهر کيڏڻو آهي.
هن چيو ته ون ڊي ورلڊ ڪپ جي شدت ڪنهن به ٻي شئي کان وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ان ۾ ٽي ٽوئنٽي جي سطح جي شدت سان لڳ ڀڳ 10 ميچون کيڏڻيون پون ٿيون.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ٻنهي کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جي پهرين ميچ آچر تي ٿيرواننتاپورم ۾ کيڏي ويندي.

You might also like