شاگردن جو سنڌ حڪومت کي الٽيميٽم، ميرٽ جي بحالي لاءِ شاگردن جو 9 آڪٽوبر تي حيدرآباد کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ جو اعلان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي 9 آڪٽوبر تي ڪراچي ڏانهن پيادل لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر زبيع الله مستوئي، فخر زمان کوهارو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن جدوجهد کي 65 ڏينهن گذري ويا آهن، جڏهن ته احتجاجي ڪئمپ به 65 ڏينهن گذرڻ باوجود جاري آهي.
هنن چيو ته مشعل بردار ريلي نسيم نگر چوڪ کان ايس پي ايس سي جي سامهون احتجاجي ڪئمپ تائين ڪڍي وئي، جڏهن ته ميرٽ جي جنازي جي ريلي پڻ ڪڍي وئي.
هاڻي 9 آڪٽوبر تي جمعي جي ڏينهن ڪراچي طرف پيادل ميرٽ لانگ مارچ ڪيو ويندو.
هنن چيو ته لانگ مارچ ڪراچي پهچي سي ايم هائوس طرف ويندو ۽ اتي احتجاج ڪيو ويندو.
لانگ مارچ دوران کين ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي، جڏهن ته ايندڙ حڪمت عملي ڪراچي ۾ لانگ مارچ دوران طئي ڪئي ويندي.
هنن چيو ته سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جو پيادل لانگ مارچ حيدرآباد مان نڪرندو ۽ ٽنڊو محمد خان، جهرڪ ۽ ٺٽي کان ٿيندو ڪراچي پهچندو.
هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت سندن سمورا مطالبا مڃي وٺي ٿي ته لانگ مارچ روڪي سگهجي ٿو.
ايڊووڪيٽ اسرار حسين چانگ چيو ته سڄي سنڌ جا وڪيل پهرئين ڏينهن کان شاگردن سان گڏ آهن ۽ شاگردن جي هر فيصلي، مارچ ۽ احتجاج ۾ ساڻن گڏ هوندا

You might also like