”مان 19 نومبر وسارڻ چاهيان ٿو“، روهت شرما احمد آباد ۾ آسٽريليا هٿان ورلڊ ڪپ شڪست کي ساري جذباتي ٿي ويو

ٿيرواننتاپورم (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته جيستائين هو ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، تيستائين سندس ذهن ۾ اهو خيال ڪڏهن به نه ايندو ته سندس ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي.
ايندڙ سال ڏکڻ آفريڪا ۾ رٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ روهت شرما لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي، ڇو ته هو اڃا تائين ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کٽي ناهي سگهيو.
ڀارت جي ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ روهت شرما پنهنجي مستقبل بابت ڳالهائيندي چيو ته رٽائرمينٽ جو خيال سندس ذهن ۾ ناهي ايندو.
روهت شرما چيو ته ”اهو خيال ڪڏهن به منهنجي ذهن ۾ نه ايندو ته جيڪو ڪم مون کي ڪرڻو هو، اهو ختم ٿي ويو آهي، جيستائين توهان کيڏي رهيا آهيو، تيستائين هميشه ڪجهه نه ڪجهه اڳتي ڏسڻ لاءِ هوندو آهي.“
هن چيو ته هو ايندڙ ورلڊ ڪپ جو منتظر آهي ۽ ڏسڻ چاهي ٿو ته سندس لاءِ اڳتي ڇا موجود آهي.
روهت شرما موجب ”جڏهن ورلڊ ڪپ ٿيندو آهي، جڏهن اسان آءِ سي سي ٽورنامينٽ کيڏون ٿا ته ان جو پنهنجو الڳ چئلينج هوندو آهي. توهان مختلف مخالفن کي منهن ڏيو ٿا ۽ مختلف هنڌن تي کيڏو ٿا. تنهنڪري توهان کي مختلف انداز ۾ تياري ۽ مختلف طريقي سان سوچڻو پوندو. اهو ئي چئلينج آهي.“
روهت شرما 2027 واري ورلڊ ڪپ کي پنهنجي آخري ٽورنامينٽ قرار نه ڏنو آهي، جڏهن ته ويرات ڪوهلي واضح ڪري چڪو آهي ته 2027 سندس آخري ورلڊ ڪپ هوندو.
ٻئي رانديگر ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي رڳو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڀارت لاءِ دستياب آهن.
روهت شرما 2007 ۽ 2024 ۾ ٻه ڀيرا ٽي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي چڪو آهي، پر هو اڃا تائين ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ڇهڻ کان محروم رهيو آهي.
2023 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست بابت ڳالهائيندي روهت شرما چيو ته هو 19 نومبر کي وسارڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته 2015 کان 2024 تائين هو ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا، ڪيترائي ڀيرا ويجهو پهتا، پر ٽرافي کٽي نه سگهيا.
روهت شرما چيو ته ”2015 کان 2024 تائين اسان ان ورلڊ ڪپ جي پويان ڊوڙندا رهياسين، ڪيترائي ڀيرا اسان ويجهو پهتاسين، پر کٽي نه سگهياسين. 2015 ۾ اسان ويجهو پهتاسين، 2019 ۾ به ويجهو پهتاسين.“
2023 واري ورلڊ ڪپ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ”مان ان کي ياد به نٿو ڪرڻ چاهيان، مان 19 نومبر کي وسارڻ چاهيان ٿو.“
19 نومبر 2023 تي ڀارت کي احمدآباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست ملي هئي، ان وقت روهت شرما ڀارتي ٽيم جو ڪپتان هو.
روهت شرما اهو به انڪشاف ڪيو ته 2024 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ئي هن ۽ ويرات ڪوهلي پاڻ ۾ ڳالهائي فيصلو ڪيو هو ته ان ٽورنامينٽ کانپوءِ ٽي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ نه کيڏندا.
هن چيو ته ”انهن ڇهن مهينن دوران مون کي ڪجهه حد تائين خبر هئي ته 2024 وارو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ منهنجو آخري هوندو. مون ويرات سان ڳالهه ڪئي هئي ته اسان ان کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي نه کيڏنداسين.“
روهت موجب، 2024 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت جي فتح کانپوءِ ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ ٿيل جذباتي ڀاڪر جو هڪ سبب اهو به هو ته ٻنهي ان ٽورنامينٽ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي.
هن چيو ته ”ان گهڙي ۾ جذباتي ٿي ويا هئاسين، اهو انڪري هو ڇو ته اسان ان ورلڊ ڪپ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو هو. جڏهن آخرڪار اسان اهو کٽي ورتو ته اسان کي خبر ئي نه پئي ته ڇا ڪرڻو آهي. اسان جي سامهون جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو، اسان بس ان تي ردعمل ڏئي رهيا هئاسين.“

You might also like