نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ) جي وڌندڙ غلط استعمال بابت دنيا کي خبردار ڪندي سخت قدمن جو مطالبو ڪيو آهي.
اي آءِ بابت ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته جيڪڏهن مصنوعي ذهانت غلط هٿن ۾ هلي وئي ته اها اربين زندگين لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو اي آءِ کي اهڙو هٿيار بڻائي سگهن ٿا، جيڪو اڳ ڪڏهن ڏسڻ ۾ ناهي آيو، تنهن ڪري حڪومتن کي هن ٽيڪنالاجي جي سخت نگراني ڪرڻ سان گڏ سخت قانون به ٺاهڻ گهرجن.
”اَي آءِ اربين زندگيون ڳڙڪائي ويندي“، بِل گيٽس دنيا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي
You might also like