سُپريم ليڊر جا ڦَٽَ ڇُٽي ويا آهن، هاڻي هو چاڪُ چَڱو ڀَلو آهي: ايراني صدر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي طبي طور مڪمل صحتمند آهي ۽ سندس زخم به ٺيڪ ٿي چڪا آهن.
هڪ آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي مسعود پزشڪيان چيو ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي کي صحت جو ڪو خاص مسئلو ناهي ۽ هو طبي طور مڪمل صحتمند آهن.
مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته سندس مجتبيٰ خامنه اي سان 2 ڀيرا ملاقات ٿي آهي، جن مان هڪ ملاقات 7 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهي، مجتبيٰ خامنه اي جي چهري ۽ ڄنگهن تي آيل زخم به ٺيڪ ٿي چڪا آهن.
آبناءِ هرمز کولڻ بابت سوال تي مسعود پزشڪيان چيو ته ايراني تجويز قبول ٿيڻ جي صورت ۾ ايران آبناءِ هرمز کولڻ ۽ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ بابت ڪيل واعدن تي عمل ڪندو.
آمريڪا جيڪڏهن آبناءِ هرمز ٻيهر کولڻ بابت ايراني تجويز قبول ڪري ٿو ته ساڳئي ڏينهن ڳالهيون شروع ٿي وينديون.
هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ بي اعتمادي جي فضا قائم آهي، آمريڪي صدر سان سڌي ملاقات ڪرڻ ڏکيو هوندو.
آمريڪا روزانو ايران تي پابنديون مڙهي رهيو آهي، ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ حملا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ماضيءَ ۾ ڪيل لکت وارن واعدن تان به ڦڙي ويو آهي، تنهنڪري اهو سوال موجود آهي ته ڳالهين کانپوءِ آمريڪا پنهنجي واعدن تي عمل ڪندو يا نه.
مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته ايران گڏيل قومن جي جوهري معائنو ڪندڙن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته جوهري معائنن بابت ڳالهين دوران مخصوص معاهدو ۽ سمجهوتو ڪري سگهجي ٿو.
هن چيو ته ايران جوهري ايٽمي ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي، جوهري هٿيار تيار ڪرڻ حرام آهي. جيڪڏهن ايران ۾ ڪجهه ماڻهو جوهري هٿيار ٺاهڻ چاهين به ته مذهبي نقطه نظر کان کين ان جي اجازت ناهي.

You might also like