نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي 7 ڏينهن وارو منصوبو پهچايو ويو آهي، جنهن کي قبول ڪيو وڃي ته آبناءِ هرمز کولِي سگهجي ٿو.
گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران قطر ذريعي آمريڪا کي 7 ڏينهن وارو منصوبو پهچائي ڇڏيو آهي، لازمي شرط پورا ٿيڻ تي آبناءِ هرمز ٻيهر کولي سامونڊي سرگرميون بحال ڪري سگهجن ٿيون.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني منصوبو قبول ڪري ٿو ته آبناءِ هرمز 7 ڏينهن اندر ٻيهر کولي سگهجي ٿو، جڏهن ته 7 ڏينهن جو مدو آمريڪا طرفان منصوبو قبول ڪرڻ جي وقت کان شروع ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ضروري قدم کنيا وڃن ته ايران 4 کان 5 ڏينهن اندر عمل مڪمل ڪري سگهي ٿو، ڇهين ڏينهن آبناءِ هرمز کُلي ويندو، جڏهن ته ستين ڏينهن آمريڪا حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچي ويندو.
عباس عراقچي جو چوڻ هو ته ايران محفوظ ۽ پرامن سامونڊي اچ وڃ لاءِ پرعزم آهي، فوجي ڪارروائين، ڌمڪين، ناڪابندي يا معاشي دٻاءَ ذريعي سامونڊي سلامتي بحال نٿي ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران دٻاءُ، ڌمڪي يا ڊيڄارڻ جي ڪوشش قبول نه ڪندو، ايران دٻاءَ هيٺ پنهنجي خودمختيار حقن تان هٿ نه کڻندو.
آبناءِ هُرمُز کولڻ لاءِ ايران جا شرط سامهون اچي ويا، آمريڪا ڏانهن 7 ڏينهن جو منصوبو اُماڻيو ويو
You might also like