جعلي ۽ ورغلائيندڙ خبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جون تياريون، سنڌ سرڪار جو سوشل ۽ مين اسٽريم ميڊيا جي نگراني جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جعلي ۽ ورغلائيندڙخبرن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ خبرن ذريعي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي.
هن چيو ته جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ قومي سائبر ڪرائم جاچ اداري کان سهڪار ورتو ويندو، جڏهن ته مين اسٽريم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن جي روزاني بنياد تي نگراني ڪئي ويندي.
شرجيل ميمڻ سڌ سماءُ کاتي ۾ جعلي خبرن جي نشاندهي لاءِ مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جعلي خبرون ٺاهيندڙن ۽ انهن کي ڦهلائيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ قومي سائبر ڪرائم جاچ اداري کان سهڪار حاصل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اطلاعات کاتي ۽ لاڳاپيل اداري وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌايو ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو بيانيو امن، رواداري، هم آهنگي ۽ قومي اتحاد تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سمورن طبقن جي نمائندن کي سنڌ حڪومت جي بيانئي جو حصو بڻايو وڃي.

You might also like