اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف وارا وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد کي سومناٿ سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن، پر جيڪڏهن 27 سيپٽمبر وارو احتجاج ٿيو ته اها سندن آخري ڪوشش هوندي، جنهن کانپوءِ هو ٻيهر اهڙو رخ نه ڪري سگهندا.
پي ٽي آءِ طرفان 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت جي مختلف وزيرن پاران چيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن کي قانون جي دائري ۾ رهڻو پوندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي عوامي روڊن، شاهراهن يا ٻين عوامي هنڌن تي قبضو ڪرڻ جو قانوني حق حاصل ناهي.
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف جي وفد ۾ شامل خواجا آصف هڪ انٽرويو ۾ چيو ته پي ٽي آءِ وارا اسلام آباد کي سومناٿ سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته اسلام آباد هڪ وڏي اسلامي ۽ ايٽمي رياست جو گادي وارو هنڌ آهي.
هن چيو ته سندس خيال ۾ پي ٽي آءِ جي اها آخري ڪوشش هوندي ۽ ان کانپوءِ هو اهڙي رخ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا احتجاج لاءِ نه اچن ته اها پڻ هڪ اهم ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ ته وفاق يا پاڪستان اهڙي صورتحال جو وڌيڪ برداشت نٿو ٿي سگهي.
خواجا آصف جا اهي بيان پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر جي ان بيان کانپوءِ سامهون آيا، جنهن ۾ هن 27 سيپٽمبر جي مارچ دوران اسلام آباد کي ”سومناٿ“ بڻائڻ جو جملو استعمال ڪيو هو.
خواجا آصف ان کان اڳ به چيو هو ته اسلام آباد سومناٿ ناهي ۽ وفاقي حڪومت گادي واري هنڌ جو دفاع ڪندي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فوزيه قصوري چيو آهي ته احتجاج جي نالي تي اسلام آباد تي حملي جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب ناهي.
هن چيو ته مختلف سياسي نظرين جي بنياد تي رياست ۽ فوج خلاف پروپيگنڊا نه ٿيڻ گهرجي.
فوزيه قصوري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته احتجاج ڪيو وڃي ۽ پاليسيون پيش ڪيون وڃن، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ اتي پاليسيون لاڳو ڪري ڏيکارڻ گهرجن.
You might also like