رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب تي حوثي حملن کانپوءِ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت سعودي عرب جي مدد جي طريقيڪار تي غور لاءِ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جي اعليٰ فوجي قيادت جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن نيويارڪ ۾ ملاقات دوران ٽنهي ملڪن جي چيفس آف اسٽاف جي هنگامي اجلاس جي تيارين تي غور ڪيو.
ملاقات ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان، پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان شريڪ ٿيا.
سعودي پرڏيهي کاتي موجب، ٽنهي ملڪن جا اعليٰ فوجي عملدار مڪي دفاعي معاهدي تحت سعودي عرب جي مدد جي ممڪن طريقن تي غور ڪندا.
ملاقات دوران ٽنهي پرڏيهي وزيرن مڪي شريف ۽ سعودي عرب جي شهري ۽ معاشي ٿاڪن کي نشانو بڻائيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ سعودي عرب جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت ڪئي.
ان کانسواءِ مڪي دفاعي معاهدي تحت جنرل سيڪريٽريٽ، ڪميٽين ۽ ورڪنگ گروپن جي جوڙجڪ ۽ معاهدي تي عملدرآمد شروع ڪرڻ جي تيارين جو به جائزو ورتو ويو.
ترڪ فوج جي سربراهه جنرل سلجوق بائراڪتر اوغلو سعودي عرب روانو ٿيندو، جتي هو سعودي ۽ پاڪستاني فوجي قيادت سان گڏ مڪي دفاعي معاهدي تحت اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
اجلاس ۾ سعودي عرب کي ڪهڙي نوعيت جي مدد فراهم ڪئي ويندي، ان بابت حتمي تفصيل اڃا سامهون نه آيا آهن.
ياد رهي ته مڪي معاهدي تحت ڪنهن هڪ ملڪ تي هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.