ايشين گيمز ۾ پاڪستان هاڪي جي ڪاميابين جي هيٽرڪ، چين کي 0-3 تان شڪست

جپان ۾ جاري 20هين ايشين گيمز جي مينز هاڪي ايونٽ ۾ پاڪستان چين کي شڪست ڏئي مسلسل ٽِين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
پول بي جي ميچ ۾ پاڪستان ۽ چين جون ٽيمون دوبدو ٿيون، مقابلو پاڪستان جي شاندار ڪارڪردگي سبب هڪ طرفو ثابت ٿيو.
ميچ جي پهرئين ڪوارٽر ۾ ٻنهي ٽيمن مان ڪا به گول نه ڪري سگهي، جڏهن ته پاڪستان ٻئي ڪوارٽر ۾ لڳاتار 3 گول ڪري سرسي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان پهريون گول 19هين منٽ ۾ ڪپتان ابوبڪر محمود ڪيو، جڏهن ته 24هين منٽ ۾ سفين خان پينالٽي ڪارنر تي ٻيو گول ڪيو.
28هين منٽ ۾ گرين شرٽس جي حنان شاهد شاندار فيلڊ گول ڪري پاڪستان جي سرسي 0-3 ڪري ڇڏي.

You might also like