ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امن امان برقرار رکڻ ۽ ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائڻ لاءِ ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ 24 کان 30 سيپٽمبر 2026 تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي ڊويزن جي حدن اندر 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ، احتجاج، مظاهرن، ڌرڻن، ريلين، جلسن ۽ جلوسن سميت ٻين عوامي گڏجاڻين تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ احتجاجن، مظاهرن ۽ ريلين سبب اهم روڊن، چوڪن ۽ رستن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ڪراچي ڊويزن سميت سکر ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ به قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جا لاڳاپيل ڊويزنن جي ڪمشنرن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like