پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف طرفان 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن اعلانيل لانگ مارچ 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد ڏانهن رٿيل لانگ مارچ کي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي ڪيو، جڏهن ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سميت پارٽي جا اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا.
رپورٽن موجب، فيصلي جو باضابطا اعلان اتحادي اڳواڻن محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.
You might also like