پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته 27 سيپٽمبر وارو لانگ مارچ هر صورت ٿيندو، جڏهن ته تحريڪِ انصاف جو مارچ پُرامن هوندو.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو تهاسان جو لانگ مارچ هر صورت ٿيندو، اسان جو مارچ پُرامن آهي، ڀلي هو ڪوڪا هڻن، ڪنٽينر رکن يا گولي هلائن.“
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس اڃا جاري آهي، جنهن کانپوءِ ٻيهر ملاقات ٿيندي.
سهيل آفريدي دعويٰ ڪئي ته کين پيغام مليو آهي ته ٽي وي تي سندن پريس ڪانفرنس نشر نه ڪئي ويندي، هن چيو ته جيڪا سازش هلي رهي آهي، اها ڏاڍي خطرناڪ آهي..
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي وزيرن کي اغوا ڪيو پيو وڃي. جنهن سيڪريٽريٽ مان سڄي صوبي جو نظام هلي ٿو، اتي ڌمڪيون ڏئي ڪم بند ڪرايو ويو آهي. اتي ڪو خطرو نه هو، ڪينٽ سڄو فوج جي قبضي ۾ آهي.
You might also like