رستم ڀرسان ٻن گروهن ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

لکي غلام شاهه(رپورٽ:نديم جان مهر) رستم ڀرسان مهر جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ فائرنگ ٻه ڄڻا قتل، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد بروهي ويجهو سعدخاناڻي جتوئي ڳوٺ جمعو مھر واسي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هزارو سعدخاناڻي جتوئي مرتضيٰ عرف مرتو مهر قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو واجد سعدخاناڻي جتوئي زخمي ٿي پيو علائقي مان چئوٻول مچي ويو ته مهر جتوئي تڪرار تان قتل ٿيا آهن اطلاع تي رستم پوليس پهچي مرتضيٰ عرف مرتو مهر جو لاش هٿ ڪري ورتو هزارو سعدخاناڻي جتوئي جو لاش وارث کڻاڻي خانپور اسپتال آندو واقعي بعد علائقي اندر ڇڪتاڻ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مهر هائوس وزير آباد جي ترجمان محبوب علي مھر پاران بيان جاري ڪيو ويو ته واقعي مهر جتوئي تڪرار تان ناهي ٿيو ھٿياربند ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي تان واقعو پيش آيو آهي مارجي ويل مرتضيٰ عرف مرتو مهر ڏوهاري هو رهندو به جتوئي ڌر وٽ هو هن واقعي جو تڪرار سان ڪوئي واسطو ناهي، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ واقعي واري هنڌ پهچي صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چيو ته مرتضيٰ عرف مرتو مهر ڏوهاري آهي هزارو سعدخاناڻي مٿان پڻ ڪيس داخل آهن ٻن ڏوهاري گروپن وچ جهيڙو ٿيو آهي ان کي مهر جتوئي تڪرار نه لکيو وڃي، هزارو سعدخاناڻي جتوئي جو لاش کڻي خانپور اسپتال پهتل عورتن جو چوڻ آهي ته اسان جا ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي وڃي رهيا هئا مهر ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري اسان جي هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ٻيو سخت زخمي ٿي پيو، انصاف ڏياريو وڃي، رستم پوليس ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو .

You might also like