ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪارا ۽ بي جي پي اسيمبلي ميمبر ميٿلي ٺاڪر جي هڪ مهانگي رولز رائس ڪلينن ۾ مذهبي تقريب ۾ آمد واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس آمدني ۽ اثاثن بابت سوال اُٿاريا پيا وڃن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس چونڊ حلف نامي ۾ ڄاڻايل اٽڪل 3 ڪروڙ 82 لک رپين جي اثاثن جو حوالو ڏيندي گاڏي بابت سوال ڪيا ۽ ڪجهه ماڻهن آمدني جي ذريعن جي جاچ جو مطالبو به ڪيو.
ٻئي پاسي ميٿلي ٺاڪر جي حامين جو چوڻ آهي ته سندس مالي حيثيت کي رڳو اسيمبلي ميمبر جي آمدني سان جوڙڻ درست ناهي، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي هوءَ مشهور گلوڪارا هئي ۽ موسيقي ذريعي آمدني حاصل ڪندي رهي آهي.
اداڪارا ۽ بي جي پي ميمبر پارليامينٽ ڪنگنا رناوت پڻ ميٿلي جي حمايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو فنڪار سياست ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجي محنت ۽ فن ذريعي ڪامياب ٿيو آهي ته کيس پنهنجي ڪمائي سان حاصل ڪيل آسائشن تي تنقيد جو نشانو ڇو بڻايو وڃي؟
رپورٽ موجب، هن معاملي ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته رولز رائس ڪلينن جي ميٿلي ٺاڪر جي ذاتي ملڪيت هجڻ جي اڃا تائين تصديق ناهي ٿي.
اثاثا ٽن ڪروڙن جا، رولز رائس 13 ڪروڙ جي! ڀارتي ايم ايل اي ميٿلي ٺاڪر وڏي ڏچي ۾ پئجي وئي
You might also like