ڪشمير بابت او آءِ سي جي پڌرنامي تي ڀارت کي باهه وٺي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پرڏيهي وزارت اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جي گڏيل پڌرنامي ۾ ڀارت جو حوالو ڏيڻ تي مذمت ڪئي آهي.
نئين دهلي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ”ڀارت او آءِ سي جي جڙتو ڄمون ۽ ڪشمير رابطا گروپ جي گڏيل پڌرنامي ۾ ڀارت بابت غير ضروري ۽ حقيقتن جي ابتڙ حوالن کي واضح طور رد ڪري ٿو.“
ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ”او آءِ سي کي انهن معاملن تي راءِ ڏيڻ جو ڪو اختيار حاصل ناهي، جيڪي مڪمل طور ڀارت جا اندروني معاملا آهن.“
ڀارت دعويٰ ڪئي ته ڄمون ۽ ڪشمير توڙي لداخ جا سمورا علائقا ان جو ”اڻٽٽ حصو“ آهن ۽ سياسي مقصدن تي ٻڌل پروپگينڊا ان حقيقت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي بيانن جي بار بار حمايت او آءِ سي جي ساک بابت سنجيده سوال اُٿاري ٿي.

You might also like