ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته ايشين گيمز ۾ جيڪڏهن ڀارتي ٽيم سان مقابلو ٿيو ته پاڪستاني ٽيم ڀرپور مقابلو ڪندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مائڪ هيسن چيو ته ايشين گيمز لاءِ چونڊيل پاڪستاني ٽيم سٺي آهي، جنهن ۾ نوجوان رانديگر به شامل آهن.
هن چيو ته ڀارت هن وقت سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته ايشين گيمز جپان ۾ ٿي رهيون آهن ۽ اتان جون حالتون پاڪستاني رانديگرن لاءِ نيون هونديون.
هيڊ ڪوچ چيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پاڪستان جو شمار سٺين ٽيمن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ فارميٽ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي.
مائڪ هيسن چيو ته گذريل 15 مهينن دوران پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم دنيا جي ٽاپ ٽن يا چئن ٽيمن جهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هو ڪوچ بڻيو ته پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي هئي، جيڪا هاڻي پنجين نمبر تي پهچي چڪي آهي.
مائڪ هيسن چيو ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کانسواءِ هر ميچ کٽي فائنل تائين پهتو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ڀارت کانسواءِ ٻين ٽيمن خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون.
هن چيو ته پاڪستان کان اميدون ضرور وڏيون هئڻ گهرجن، پر ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ”جذبن بدران حقيقتن“ جي بنياد تي وٺڻ گهرجي.
ايشين گيمز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ اٽڪل پنج مهينا اڳ اولمپڪ راندين جي شرطن تحت چونڊيو ويو هو.
هيسن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايشين گيمز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيا ته پاڪستان ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهندو ۽ ڀارتي ٽيم تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو.
صاحبزادا فرحان ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جو پهريون ميچ 28 سيپٽمبر تي ٿيندو. ڀارت ۽ پاڪستان سڌيءَ ريت ڪوارٽر فائنل ۾ پهچندڙ ٽيمن ۾ شامل آهن.
You might also like