ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڍاڪا يونيورسٽي پنهنجي شاگرد يونين جي تاريخي آرڪائيو ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جون تصويرون لڳائڻ ۽ پوءِ هڪ اڳوڻي شاگرد طرفان اهي تصويرون ڦاڙڻ واري واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي.
تصويرون ڦاڙڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ اهو معاملو يونيورسٽي جي آرڪائيو تائين محدود نه رهيو، پر بنگلاديش ۾ محمد علي جناح، پاڪستان ۽ 1971ع جي تاريخ بابت جاري بحث جو حصو بڻجي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص تصويري گئلري مان محمد علي جناح جون تصويرون لاهي فريم مان ڪڍي ڦاڙي رهيو آهي.
بعد ۾ ان شخص جي سڃاڻپ ابو طيب طور ٿي، جيڪو ڍاڪا يونيورسٽي جو اڳوڻو شاگرد آهي.
بنگلاديش جي انگريزي اخبار ”دي ڊيلي اسٽار“ موجب، گئلري 13 سيپٽمبر تي ٻيهر کولِي وئي هئي، جڏهن ته اهو واقعو 14 سيپٽمبر تي پيش آيو.
گئلري ۾ بنگلاديش جي تاريخ، قيام، ڀارت جي ورهاڱي جي اهم واقعن ۽ شاگرد تحريڪن بابت تصويرون لڳايون ويون آهن.
يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو دعويٰ آهي ته شيخ حسينا جي دور ۾ هن گئلري کي عوامي ليگ جي بيانئي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، تنهن ڪري ان ۾ تبديليون ڪري تاريخ کي درست انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
”هو اسان جو باباءِ قوم نه هو“
پرڏيهي خابرو اداري ”اي ايف پي“ سان ڳالهائيندي ابو طيب پنهنجي عمل جو دفاع ڪندي چيو ته محمد علي جناح ”اسان جو نه، پر پاڪستان جا باباءِ قوم آهي“.
شاگرد جو موقف هو ته جڏهن قائدِ اعظم جڏهن بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ بدران اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو تڏهن هو اسان جو ” هيرو نه رهيو“
”دي ڊيلي اسٽار“ موجب، گئلري ۾ محمد علي جناح جون 3 تصويرون لڳايون ويون هيون، جن مان هڪ مارچ 1948ع جي هئي، جنهن ۾ محمد علي جناح ڍاڪا يونيورسٽي ۾ اردو کي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي.
ٻي تصوير 1940ع ۾ لاهور ۾ ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي آهي، جڏهن ته ٽِين تصوير پاڪستاني انگريزي اخبار ”ڊان“ جي 1970ع جي چونڊن بابت شايع ٿيل خبر جي ڪٽنگ آهي، جنهن تي محمد علي جناح جي تصوير موجود آهي.
واضح رهي ته واقعي کي ڪيئي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بنگلاديش ۾ محمد علي جناح بابت ماڻهن جي راءِ ۽ شيخ حسينا جي حڪومت جي خاتمي باوجود اهڙو واقعو ڇو پيش آيو، ان بابت بحث جاري آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته تصويري گئلري ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ڪا نمايان تصوير موجود ناهي.
”دي ڊيلي اسٽار“ موجب، گئلري ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پٽن جي 1974ع ۾ ٿيل شادين جي هڪ تصوير ۽ انهن بابت اخبارن جون 3 ڪٽنگ موجود آهن.
ماهرن موجب اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته قوميت، مذهب ۽ ٻولي جي اها ورثي، جنهن بنگلاديش ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ به سياسي طور اهم آهي.
ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگرد يونين ”بنگلاديش اسلامي ڇاترو“ جو چوڻ آهي ته محمد علي جناح جي تصوير يونيورسٽي جي تاريخ جو حصو هئي، بنگلاديش اسلامي ڇاترو، جماعت اسلامي بنگلاديش جي شاگرد تنظيم آهي.
بنگلاديش اسلامي ڇاترو جي اڳواڻ ايس ايم فرهاد اي ايف پي سان ڳالهائيندي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اهو هڪ قسم جو ”شرپسنداڻو حملو“ هو.
سندس چوڻ هو ته ”اسان ڪجهه غلط ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي هجي ها ته ان کي بنا ڪنهن خراب ماحول جي درست ڪري سگهجي پيو.“
ايس ايم فرهاد چيو ته محمد علي جناح ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ئي اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ تصوير لڳائڻ جو مقصد اهو ئي ٻڌائڻ هو.
هن وڌيڪ چيو ته شيخ حسينا جي دور ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي آرڪائيو ۾ عوامي ليگ جي بيانئي کي هٿي ڏني ويندي هئي، تنهن ڪري ”اسان هن گئلري جي مرمت ۽ تبديلي ڪري تاريخ جو رخ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي“.
ٻولي جي تحريڪ ۽ جناح جو ڍاڪا يونيورسٽي ۾ خطاب
محمد علي جناح 1948ع ۾ ڍاڪا آيو هو، جتي هن ڍاڪا يونيورسٽي ۾ پڻ خطاب ڪيو.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم، جيڪو ان وقت شاگرد اڳواڻ هو، پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ته ”جناح جي ڍاڪا اچڻ سان بنگالين ۾ اها اميد پيدا ٿي هئي ته هو سرڪاري ٻولي جي معاملي تي پارٽي کان مٿانهون ٿي اڪثريت جي راءِ کي ترجيح ڏيندو.“
پر ان باوجود اردو کي رياستي ٻولي قرار ڏيڻ واري اعلان بنگالين کي مايوس ڪيو ۽ ان کانپوءِ جناح جي مقبوليت ۾ وڏي گهٽتائي آئي.
محمد علي جناح پنهنجي تقرير دوران چيو ته ”اردو رڳو اردو ئي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي هوندي.“ سندس تقرير دوران ميڙ طرفان ترت شديد احتجاج ڪيو ويو.
26 جنوري 1952ع تي پاڪستان جي اسيمبلي اردوءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي حتمي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ اوڀر پاڪستان ۾ ٻولي جي تحريڪ وڌيڪ شدت اختيار ڪئي.
ٻئي ڏينهن خواجا ناظم الدين، جيڪو ان وقت تائين گورنر جنرل بڻجي چڪو هو، ڍاڪا ۾ هڪ وڏي ريلي دوران جناح جو موقف ورجايو.
خواجا ناظم الدين جي ان تقرير کانپوءِ به ريلي ۾ شديد احتجاج ۽ مظاهرا ٿيا.
21 فيبروري تي ٻيهر عام هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، ڍاڪا يونيورسٽي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، پر احتجاج روڪڻ لاءِ اهو قدم ڪافي ثابت نه ٿيو.
ڍاڪا يونيورسٽي جا شاگرد قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي روڊن تي نڪري آيا، جنهن تي پوليس فائرنگ ڪئي ۽ ڪيترائي مظاهرين مارجي ويا.