ايران-آمريڪا ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ(گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نمائندي اسٽيو وٽڪوف وچ ۾ ٿيل ڳالهين بابت ايران وضاحت ڪئي آهي ته آمريڪي ڌر سان رابطو قطري ٽياڪڙ ذريعي ٿيو هو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته گذريل هڪ هفتي دوران آبناءِ هرمز، علائقائي سلامتي ۽ سفارتڪاري بابت ايران جو موقف ۽ شرطون واضح طور تي پيش ڪيون ويون.
هن چيو ته نيويارڪ ۾ ايراني وفد جي موجودگي مان فائدو وٺندي اهي ئي ڳالهيون آمريڪي ڌر تائين واضح انداز ۾ پهچايون ويون.
ايران علائقائي سلامتي ۽ آبناءِ هرمز بابت پنهنجي موقف سان گڏ سفارتي عمل لاءِ گهربل شرطن بابت به آمريڪا کي آگاهه ڪيو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن عراقچي ۽ وٽڪوف وچ ۾ مبينا ڳالهين بابت ايران ۾ وڏي پئماني تي خبرون شايع ٿيون ۽ مختلف افواهه به سامهون آيا.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقرير کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته آمريڪي اختيارين جي ايراني وفد سان 3 ڪلاڪن تي ٻڌل انتهائي هاڪاري ملاقات ٿي، پر پوءِ هن وضاحت ڪئي ته اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر رڳو ٽياڪڙن سان ملاقات ڪئي هئي.
نار ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات جي شروعات دوران ٽرمپ صحافين کي ٻڌايو ته سندس نمائندن جي ايراني ٽياڪڙن سان نتيجا ڏيندڙ ملاقات ٿي، پر اهو رابطو صرف ٽياڪڙن تائين محدود هو.
اسٽيو وٽڪوف به سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ٽياڪڙن ذريعي ايراني اختيارين سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي.
وٽڪوف موجب، ڳالهين دوران ٽياڪڙ ٻنهي وفدن وچ ۾ مسلسل اچ وڃ ڪندا رهيا ۽ پيغامن جي ڏي وٺ ڪرائيندا رهيا. هن انهن ڳالهين کي ”اميد افزا، تعميري ۽ ڪامياب“ قرار ڏنو.

You might also like