وطن سان محبت ايمان جو اهم حصو آهي، ڌرتي ۽ قوم جو دشمن غدار آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته يورپ هجي يا ايشيا ۽ آمريڪا، عربي هجي يا عجمي، گورو هجي يا ڪارو، مذهبي هجي يا سيڪيولر، وطن سان محبت ايمان جو اهم حصو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ”ڌرتي ۽ قوم جو دشمن ڪم ظرف، غليظ ۽ غدار آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته وطن سان محبت جو جذبو رنگ، نسل، مذهب يا خطي جي فرق کان مٿانهون آهي.

You might also like