چڪ، رستم ڀرسان مهر جتوئي تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

چڪ (ويب ڊيسڪ) رستم ڀرسان مهر جتوئي تڪرار تان ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ هزارو جتوئي ۽ مرتضيٰ جتوئي مارجي ويا، جڏهن ته واجد مهر زخمي ٿي پيو، زخميءَ کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

You might also like