اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ملازمن لاءِ ورڪ فرام هوم پاليسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت گهر کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڊيلي الائونس ۽ اوور ٽائيم نه ڏنو ويندو.
ٻارڻ جي بچت ۽ خرچ گهٽائڻ لاءِ مختلف ڪفايتي قدم فوري طور لاڳو ڪيا ويا آهن، جن تحت 50 سيڪڙو عملو آفيس مان، جڏهن ته 50 سيڪڙو گهر کان ڪم ڪندو.
گهر کان ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ روٽيشن ڊيوٽي روسٽر تيار ڪيو ويندو، اهي فون، اي ميل ۽ واٽس ايپ تي دستياب رهندا ۽ ضرورت پوڻ تي کين هڪ ڪلاڪ جي نوٽيس تي آفيس طلب ڪري سگهجي ٿو.
گهر کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڊيلي الائونس ۽ اوور ٽائيم نه ڏنو ويندو، جڏهن ته لاڳاپيل آفيسر جي اجازت کانسواءِ اسٽيشن ڇڏڻ جي به اجازت نه هوندي.
بچت پاليسي تحت سرڪاري گاڏين لاءِ ايندڙ ٽن مهينن تائين ٻارڻ جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيون گاڏيون خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
مالي سال 2026-27ع جي غير ترقياتي بجيٽ ۾ ماهوار بنياد تي 5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا سمورا اجلاس ترجيحي طور وڊيو ڪانفرنسنگ ذريعي منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس به ورچوئل طريقي سان ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.
ڪفايتي قدمن تحت اجلاس گهٽ کان گهٽ رکڻ ۽ سموريون پائيدار شيون خريد ڪرڻ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ٽي سامان ان پابندي کان ڇوٽ هوندي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٽن مهينن لاءِ پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، تنهن هوندي به اسڪالرشپس، تربيتي ڪورسز، عالمي پروگرامن ۽ سرڪاري معاهدن تحت ٿيندڙ تربيتي پروگرامن کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي.
پرڏيهي وفدن کانسواءِ سرڪاري ڊنر ۽ حڪومت طرفان فنڊ ڪيل سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ تي به پابندي هوندي، اڻٽر تقريبن لاءِ رڳو آڊيٽوريم ۽ سرڪاري سهولتون استعمال ڪيون وينديون.
خرچن ۾ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ پيپر ليس ڪم ڪندڙ ماحول اختيار ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب، اهي سمورا ڪفايتي قدم فوري طور لاڳو ٿيندا ۽ وڌيڪ حڪمن تائين جاري رهندا.