پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي مارچ، پ پ حڪمرانن سنڌ تباهه ڪري ڇڏي

 سکر(رپورٽر) پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جو ٽرين مارچ، روهڙي کان ملتان روانگي, خبرموجب:جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جو ٽرين مارچ جاري آهي، جيڪو اڄ روهڙي کان ملتان روانو ٿيندو، جڏهن ته عوام کي درپيش معاشي مسئلن جي حل ۽ پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جي مطالبي لاءِ احتجاج جو سلسلو پڻ جاري رکيو ويندو.هن ٽرين مارچ جي ڪوريج ڪندڙ ميڊيا ادارن ۽ صحافين جا ٿورا مڃيندي چيو ته ميڊيا مارچ جي ڀرپور ڪوريج ڪئي آهي.سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جو ٽرين مارچ ڪراچي کان شروع ٿيو ۽ حيدرآباد، ٽنڊو آدم، نوابشاهه سميت مختلف شهرن مان ٿيندو روهڙي سکر پهتو، جتي جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو. حافظ نعيم الرحمان شاليمار ايڪسپريس جي مبينا دير بابت به ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ٽرين کي حڪومتي رڪاوٽ سبب چار ڪلاڪ دير جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته ٽرين ڀلي رات جو ٻن وڳي ملتان پهچي، جماعت اسلامي جا ڪارڪن ٽرين ذريعي ئي ملتان پهچندا ۽ مارچ جو سفر جاري رکيو ويندو.جماعت اسلامي جي امير سنڌ جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سکر مان گذري ٿو، پر ان باوجود شهرين کي صاف پاڻي جي مناسب سهولت حاصل ناهي.هن سکر سميت سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ، امن امان جا مسئلا ۽ ٻيا بنيادي مسئلا موجود آهن.حافظ نعيم الرحمان سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن بابت قبائلي سردارن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڻ ۾ جهيڙا ختم ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. توانائي جي شعبي بابت هن آءِ پي پيز جي معاهدن ۽ حڪومتي پاليسين تي سوال اٿاريندي چيو ته پاڪستان ۾ اهڙن بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي به ادائگيون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي سندس چوڻ موجب بجلي پيدا نٿا ڪن. هن چيو ته آءِ پي پيز ۽ عوام سان لاڳاپيل ٻين معاشي مسئلن تي جماعت اسلامي پنهنجو احتجاج جاري رکندي.جماعت اسلامي جي اعلانيل شيڊول موجب ٽرين مارچ ڪراچي کان روانو ٿي مختلف شهرن مان ٿيندو روهڙي سکر پهتو، جتي ڪارڪنن ۽ شهرين کي خطاب لاءِ جلسو منعقد ڪيو ويو.

You might also like