آچر ويهين سيپٽمبر تي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) شروع ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ، سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ بلڊ پريشر انتهائي گهٽجي وڃڻ سبب ڪرسيءَ تان بيهوش ٿي ويو. سخت گرمي ۽ گُهٽ سبب ڪراچيءَ جي اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ سکر جي مرڪزن تي شاگردن کي طبي امداد ڏيڻي پئي ۽ ڪيترن بلاڪن ۾ پکا بند پيل هئا. وائيس چانسلر جي بيهوشيءَ واري وڊيو تيزيءَ سان پکڙجي وئي. ان معاملي تي بحث کان اڳ ان باضمير انسان کي سندس پورو مان ملڻ گهرجي. هو مهينن کان امتحانن جي شفافيت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. هن اپريل ۾ سيڪريٽري صحت کي لکي ۽ وائيس چانسلرز جي گڏجاڻيءَ ۾ وزير آڏو چٽو ڪيو هو ته جيئن ته سندس پنهنجي نياڻي ٽيسٽ ۾ ويهي رهي آهي، تنهن ڪري مفادن جي ٽڪراءَ (Conflict of Interest) کان بچڻ لاءِ امتحان ڪنهن ٻئي اداري حوالي ڪيو وڃي. اهو خط سندس بي داغ ديانت جو چٽو ثبوت هو. پر جڏهن وزير کيس ڪم جاري رکڻ جو چيو، ته هن پاڻ کي پيپر ٺاهڻ کان الڳ رکيو ، ۽ تڪليف باوجود اسٽريچر تي اسٽيج تائين پهتو ته جيئن نگراني جاري رهي. سندس اخلاقي فرض تي ڪو سوال نٿو اٿاري سگهي، پر جنهن نظام کيس اسٽريچر تائين پهچايو، اهو سنجيده سوالن جو محتاج آهي.
ان ڏينهن سنڌ مان 34،000 کان وڌيڪ اميدوار ويٺا هئا، جڏهن ته پوري ملڪ مان 138،158 شاگردن رجسٽريشن ڪرائي هئي. سنڌ حڪومت گذريل ٻن سالن کان وٺي پنهنجو سمورو انتظامي بار هڪ يونيورسٽي ۽ هڪ آفيسر جي ڪلهن تي رکي ڇڏيو آهي، جيڪو اصل ۾ رياست جي وسيع سرڪاري ادارن کي کڻڻ کپندو هو. جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ 2024ع وارو پرچو منسوخ ڪري ٻيهر شفاف امتحان جو حڪم ڏنو، تڏهن سکر آءِ بي اي اڳتي آئي. ان کان پوءِ سنڌ جو تعليم کاتو هر ڏکي ذميواري سندس حوالي ڪندو رهيو آهي، چاهي اهو ايم ڊي ڪيٽ هجي يا پرائمري ۽ جونيئر ماسترن (PST ۽ JST) جون ميرٽ تي تاريخي ڀرتيون هجن. مرحوم نثار احمد صديقيءَ جو جوڙيل بي داغ ادارتي معيار ئي اهو سبب آهي جنهن ڪري صوبائي حڪومت پنهنجو ڀرم بچائڻ لاءِ هميشه ان ڪيمپس ڏانهن واجهائينديون آهن. سکر آءِ بي اي جو احترام پنهنجي جاءِ تي، پر اهو سوال پڇڻ واجب آهي ته سنڌ جا باقي روايتي بورڊ ۽ سرڪاري کاتا آخر ڪيستائين پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ صرف هڪ ئي اداري تان اعتبار اوڌر کڻندا رهندا؟
تاريخ ڏيکاري ٿي ته سنڌ ڪڏهن به تعليمي لحاظ کان پوئتي پيل نه هئي. 1981ع واري ملڪي آدمشماريءَ موجب سنڌ اندر خواندگيءَ جي شرح 31.5 سيڪڙو هئي، جيڪا ان وقت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا کان چٽي طرح اڳڀري هئي. پر 1972ع ۾ تعليمي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ ۽ ون يونٽ واري ڪلاس سسٽم هن صوبي جي علمي ڍانچي کي وڏو ڌڪ رسايو. سڀ کان وڏو نقصان 1980ع واري ڏهاڪي، خاص ڪري 1985ع جي بنا پارٽي چونڊن کانپوءِ ٿيو، جڏهن ماستريءَ جي پيشي کي سياسي رشوت ۽ ووٽ وٺڻ جو سڪو بڻايو ويو. 2023ع جي آدمشماريءَ مطابق هاڻي سنڌ ۾ خواندگي 57.54 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ مرد 64.23 ۽ عورتون 50.21 سيڪڙو آهن. شهرن ۾ شرح 72.26 سيڪڙو آهي، پر ٻهراڙيءَ جي سنڌ رڳو 38.14 سيڪڙو تي بيهجي وئي آهي ۽ ڳوٺاڻي عورت سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل آهي. ٻئي پاسي پنجاب 66 سيڪڙو مان وڌي تازي سروي ۾ 68 سيڪڙو تي پهچي ويو، ۽ بدامنيءَ جي ور چڙهيل خيبرپختونخوا به تيزيءَ سان 51 مان 58 سيڪڙو تائين پهچي ويو. تاريخي طور اڳتي رهندڙ سنڌ اڄ پنهنجا پير پوئتي ڇڪيا آهن.
سرڪاري انگن اکرن ۾ داخلا جا انگ اکر ڀلي ڪيترا به وڌيل هجن، پر معيار ڪري پيو آهي. ايسر (ASER 2023) جي رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙيءَ اندر پنجين درجي جا رڳو 39 سيڪڙو ٻار مادري زبان ۾ سادي ڪهاڻي پڙهي سگهن ٿا، صرف 22 سيڪڙو شاگرد انگريزي جملو ۽ 27 سيڪڙو ٻن انگن وارو حساب حل ڪري سگهن ٿا. ٽين درجي ۾ ته اهي رڳو 8، 5 ۽ 3 سيڪڙو آهن. ان سان گڏ صوبي اندر تعليمي اڻبرابري به ماڻهو کي ڏڪائي ڇڏي ٿي. آدمشماريءَ موجب جتي ڪراچي سينٽرل جهڙي شهري ضلعي ۾ خواندگي 83.55 سيڪڙو آهي، اتي سجاول ۾ 27.02 سيڪڙو ۽ ٺٽي ۾ رڳو 26.88 سيڪڙو تي بيٺل آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪراچي سينٽرل جي نياڻي ۽ سجاول جي ڳوٺ ۾ اک کوليندڙ ٻارڙي ٻن الڳ صدين ۾ ساهه کڻي رهيون هجن. حڪومتي بجيٽ ۽ ڪاغذي سڌارا اڃا تائين سجاول ۽ ٻهراڙيءَ جي ويران اسڪولن تائين ناهن پهچي سگهيا.
پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ڪي آدرشي صوبا ناهن، پر انهن انتظامي عزم سان پنهنجا مسئلا گهٽايا. پنجاب اين ٽي ايس ذريعي اسي هزار نوان استاد ميرٽ تي کڻي سفارشن جو دروازو بند ڪيو، اسڪولن جي چڪاس 22 مان وڌائي 96 سيڪڙو ڪئي، ۽ غير حاضريءَ کي 20 مان گهٽائي 8 سيڪڙو کان هيٺ آندو. نتيجي ۾ ٻهراڙيءَ جي پنجين درجي ۾ ڪهاڻي پڙهندڙ ٻارن جو تناسب 65 سيڪڙو ٿيو ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ گهٽجي 21 سيڪڙو ٿي ويو. خيبرپختونخوا وري دهشتگرديءَ جي باهه ۾ به انڊيپينڊنٽ مانيٽرنگ يونٽ وسيلي سمارٽ فونز ۽ بايو ميٽرڪ آڱوٺي ذريعي 28،000 اسڪولن جي اڳواٽ اطلاع بنا چڪاس ڪئي. ان سان غير حاضري 30 مان گهٽجي 12 سيڪڙو ٿي وئي ۽ ويهه هزار گوسڙو استاد واپس ڪلاسن ۾ پهتا. ايٽا ذريعي ڀرتين وزيرن جي بنگلن مان سفارشي فائلون ٻاهر اڇلي ڇڏيون. سنڌ وٽ سکر آءِ بي اي جو معتبر بنياد اڳ ئي موجود آهي؛ ضرورت رڳو ان طريقي کي قانوني تحفظ ڏئي استادن جي پگهار کي اٺين وڳي واري صبح جي بايو ميٽرڪ سان ڳنڍڻ جي آهي.
اسان وٽ اڪثر غربت، ٻوڏ ۽ وسيلن جي کوٽ جا بهانا سامهون ايندا آهن، ڄڻ ته ڪلاس روم ۽ استاد ڪا اهڙي عياشي هجي جنهن لاءِ مالي خوشحاليءَ جو انتظار ڪجي. پر تباهيءَ هيٺ رهندڙ فلسطين انهن سڀني حڪومتي عذرن کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. فلسطيني سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (2023) موجب 15 سالن کان مٿي جي آباديءَ ۾ ناخواندگي رڳو 2 سيڪڙو هئي، جڏهن ته خواندگي 98 سيڪڙو ۽ نوجوانن ۾ ناخواندگي رڳو 0.8 سيڪڙو هئي، جيڪا عالمي بينڪ 2024ع ۾ به 97.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي. ڏهاڪن تائين ظلم سٺل اها قوم اڄ دنيا آڏو علمي مثال بڻيل آهي. هاڻوڪي جنگ ۾ جڏهن غزه جا 95 کان 97.5 سيڪڙو اسڪول مسمار ٿيا ۽ ساڍا ڇهه لک ٻار بي دخل ٿيا، تڏهن به رضاڪارن رات پيٽ ۾ ڪاٺ جي تختن تي نوان ڪلاس کولي ڇڏيا. جيڪڏهن بارود ۽ قبضي هيٺ به پڙهائي نٿي روڪي سگهجي، ته پوءِ پرامن سنڌ وٽ پنهنجي آئيني اختيار ۽ اربين رپين جي بجيٽ باوجود تعليم کي پوئتي رکڻ جو ڪهڙو جواز باقي رهي ٿو؟
سنڌ حڪومت جو بجيٽ 613 مان وڌائي 620 ارب روپين تائين پهچائڻ ۽ مانيٽرنگ ونگ پاران 6،342 غير حاضر ماسترن کي ڳولڻ واکاڻ جوڳا قدم آهن. سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن (SEF) وسيلي ڏورانهن وسندين تائين پڙهائي پهچائڻ ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل اسڪولن مان پنجن هزارن تي تعمير جاري رکڻ به مثبت ڪم آهن. اسڪول آدمشماري 2024-25 موجب سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۾ 5.31 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ ٻاهر رهندڙ ٻارن جي شرح 42 مان گهٽجي 39 سيڪڙو ٿي آهي. پر اهي سڀ ٽڙيل پکڙيل قدم آهن، جن کي مستقل قانوني فريم ورڪ ۾ ڳنڍڻ گهرجي. سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس کي وقتي ٺيڪيدار بدران سنڌ اسيمبليءَ جي قانون تحت سمورين سرڪاري ڀرتين ۽ بورڊ امتحانن لاءِ مستقل خودمختيار اٿارٽي بڻايو وڃي. ان سان گڏ امتحاني مرڪزن ۾ هواداري، پکن، ٿڌي پاڻي ۽ پيشيوراڻي ميڊيڪل ڊيسڪ جي موجودگيءَ کي لازمي شرط بڻايو وڃي ته جيئن آئيندي اميدوار سخت گرميءَ ۾ بيهوش نه ٿين.
هاڻي ڪو نئون دستاويز جوڙڻ بدران اڳ ۾ موجود انتظامي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. مفادن جي ٽڪراءَ وقت آفيسر جي پاڻمرادو امتحاني عمل کان الڳ ٿيڻ کي وزير جي صوابديد بدران سخت قانون بڻايو وڃي، ته جيئن باضمير سربراهه کي پنهنجي ديانتداريءَ لاءِ اسٽريچر تائين نه وڃڻو پوي. ڊگهي عرصي کان غير حاضر ڇهه هزار ماسترن کي نوڪرين تان فوري فارغ ڪري پگهارن کي غير جانبدار بايو ميٽرڪ سان ڳنڍيو وڃي. سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جي استادن جو پورهيو لٽڻ بدران کين گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري پگهار 43،000 روپيا يقيني بڻائي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته فاقاڪشيءَ جو شڪار استاد سٺي تعليم نٿو ڏئي سگهي. اسٽيڊا (STEDA) قانون تحت ترقين کي ٽيچنگ لائسنس سان جوڙيو وڃي. ويران ۽ اڪيلن اسڪولن کي ويجهن وڏن اسڪولن ۾ ضم ڪري ٿيندڙ بچت شاگردياڻين جي وين سروس تي خرچ ڪئي وڃي. پهرين کان ٽئين درجي جي ٻارن لاءِ مادري زبان ۽ بنيادي حساب واسطي ٽن سالن جي تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل رهيل ڏهن هزار اسڪولن جي بحاليءَ تائين نيون يونيورسٽيون کولڻ تي مڪمل پابندي هجڻ کپي.
جڏهن وائيس چانسلر طبي امداد کانپوءِ اسٽريچر تي کڄي اسٽيج تائين پهچڻ جو فيصلو ڪيو ته سندس ذاتي شجاعت ۽ بي لوث جذبو اعليٰ هو، پر اها ڪمزور صوبائي انتظام جو کليل اعتراف پڻ هئي. جنهن نظام ۾ ان جي اعليٰ نگران کي اسٽريچر تان پنهنجا امتحاني فرض نڀائڻا پون، اتي ديانتداريءَ جي کوٽ ناهي، پر اتي انهن فرض شناس آفيسرن جي اڻاٺ آهي جن کي اتي بار ورهائڻ کپندو هو. سنڌ وٽ پنجن مان چار حصا آبادي چاليهن سالن کان ننڍي عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي. اها نئين ٽهي يا ته صوبي لاءِ ترقيءَ جو موقعو بڻجندي، يا وري غفلت سبب مايوس ٿي ويندا. سنڌ طاس پاڻي ٺاهه جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جي جسماني بقا جو پهريون ٿنڀو آهي ته بهتر تعليم سندس آئيندي جو ٻيو مضبوط پِلر آهي. ميرٽ ڪو وقتي جذبو يا اسٽريچر تي بيهوش ٿيڻ جو نالو ناهي، پر اهو روشن ڪلاسن، پختن قانونن ۽ سياسي سفارشن جي کليل خاتمي جو نالو آهي. سجاول جي ٻار کي سٺو استاد ڏيارڻ لاءِ بااثر جي سياسي سفارش کي قربان ڪرڻو پوندو. سياسي ارادي سان ئي هي صوبو پنهنجي تعليم ۽ ميرٽ کي اسٽريچر تان کڻي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي ٿو.