سرڪاري اسڪولن ۾ سڀاڻي موڪل هوندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي مختلف سرڪاري اسڪولن ۾ سڀاڻي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، احتجاج جي امڪان ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا والدين کي موڪل بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
سيڪٽر جي-7 ۽ ستارا مارڪيٽ جي اسڪولن ۾ پوليس اهلڪارن کي ترسايو ويندو، جڏهن ته سيڪٽر ايف-7 ٿري جي سرڪاري اسڪول ۾ به سڀاڻي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي وفاقي گادي واري شهر ۾ امڪاني احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا به تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
ريڊ زون مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا مان ايندڙ مظاهرين کي روڪڻ لاءِ اهم شاهراهن تي کڏا کوٽڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

 

You might also like