پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي پشاور ۾ منشيات خلاف ”تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪارروائي“ دوران هڪ گاڏي مان 720 ڪلو چرس ۽ 240 ڪلو آفيم هٿ ڪئي آهي.
ايڪسائيز کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڪارروائي دوران جوابدار ايڪسائيز ٽيمن تي فائرنگ ڪئي ۽ رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو.
بيان موجب، جوابدار خلاف ايڪسائيز ٿاڻي پشاور ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
تفصيل موجب، ايڪسائيز انٽيليجنس بيورو جي انچارج عاڪف نواز خان کي ڳجهو اطلاع مليو، جنهن تي آچر ۽ سومر جي وچ واري رات پشاور ۾ ايڪسائيز انٽيليجنس جون 3 خاص ٽيمون مقرر ڪيون ويون.
ناڪابندي دوران جهانگير چوڪ ڀرسان هڪ شڪي ريو گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو، پر ڊرائيور گاڏي روڪڻ بدران تيز رفتاري سان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ايڪسائيز اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي.
فرار ٿيڻ دوران گاڏي ٻين گاڏين ۽ روڊ جي پليٽ فارمن سان به ٽڪرائجي، جنهن سبب گاڏي کي نقصان پهتو.
ايڪسائيز ٽيمن گاڏي جو پيڇو جاري رکيو ۽ رنگ روڊ پشاور ڀرسان ڊبل روڊ تي ان کي قابو ۾ آڻي ورتو، جڏهن ته ڊرائيور شديد فائرنگ ڪندي رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ان کانپوءِ گاڏي کي ايڪسائيز پوليس اسٽيشن (اي پي ايس) پشاور منتقل ڪيو ويو، جتي تلاشي دوران 720 ڪلو چرس ۽ 240 ڪلو آفيم هٿ ڪئي وئي.
You might also like