عمران خان جي خاندان ۽ اڳواڻن سان ورتاءُ افسوسناڪ آهي، گرفتارين سان صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي: پي ٽي آءِ چئرمين

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته وفاقي سطح تي لاڳاپيل ماڻهن سان رابطا جاري آهن.
پشاور ۾ ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته گذريل رات کان وفاقي سطح تي لاڳاپيل ماڻهن سان رابطا جاري آهن ۽ گذريل واقعن بابت پنهنجو پيغام انهن تائين پهچايو ويو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته لاڳاپيل ماڻهن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي. عمران خان جي خاندان ۽ اڳواڻن سان اختيار ڪيل رويو افسوسناڪ آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته گرفتاريون صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائينديون، هاڻي وقت آهي ته حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت آهي.

You might also like