اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ وارا نه مڙيا ته کين چڱيءَ ريت سمجهائي ڇڏينداسين.
فيصل آباد ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي هر شهري جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي.
هن چيو ته مهانگائي جو بنيادي سبب پيٽرول جي قيمت آهي. اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پيٽرول جي قيمت وڌائي ٿي.
هن چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ مهانگائي آهي، جنهن جو سبب پيٽروليم شين جو مهانگو ٿيڻ آهي. ڇا ڪٿي اهو ٻڌو آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ لانگ مارچ ۽ مارڪٽ ٿي هجي؟
رانا ثناءُ الله چيو ته لانگ مارچ وارن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن لانگ مارچ وارا نه مڙيا ته کين چڱيءَ ريت سمجهائي ڇڏينداسين.